ڪافي: آھيان چري ويچاري، دلبر سواءِ تُنھنجي!
آھيان چري ويچاري، دلبر سواءِ تُنھنجي! ڪن کي وھارين ھنج ۾، ڪن کي ڏئين ٿو ڏنجھه ۾، ڪي رنج ۽ ڪي گنج ۾، ھيءَ چال تو نياري. ڪن سان ڪرين ٿو الفت، ڪن تي ڪرين ٿو رحمت، ڪنکي ڏئين ٿو زحمت، ڪن لئي قيام ڪاري. وڌئي ناز سان نهوڙي، دل دردمند ڦوڙي، تو لئي سدائين ووڙي، ھي تَن ڪريو تياري. ’آسو‘ جو تنهنجو بندو، منجھه ڏوھه پاپ گندو، توکي ڪڏھن ملندو، توبهه ڪري ٿو زاري. ورتل: ڪافي 157 (راڳ آسا)، ويراڳ نامو شاعر: فقير آسُومل صوفي (صوفي آسورام)