’سوال جواب‘ بيت جو نمونو
ورتل: رسالو آسُومل صوفي
(سوال)
ٻُڌا حبيبن، توتي ڪيئن قرب ڪيو؟
تون ويري ڪڙم جو، سندو قريبن
اڳرو ٿئين ان حال سان، اڳيان عجيبن
‘آسُو’ غريبن، سلي سڻائج ڳالهڙي
(جواب)
در نه ڇڏيم ڌڻي جو، جي ھيم بک ۽ ڍء
لتين لوڌائي ڇڏيائون، ته به نه مڙيس ھڪ جؤ
چوڪي ڏنيم چت سان، رکي ادب ۽ ڀؤ
خاوند جي حڪم کان، ڪڏھن ڪيم نه ڪؤ
سر ڪيم صدقي، توڻي پسي تؤ
ٽنگ کڻي توبهه ڪيم، منجهان نياز نؤ
اھڙي محبت مؤ، ‘آسُو’ مقرب محب ڪيو

Comments
Post a Comment