Book: Deewan-e-Aasu published

 

فقير صاحب سائين آسُورام ۽ ھالا پراڻا سان منھنجي پرِيت جو ناتو ڪو جنمن جو آھي. 1971ع ۾ اسان جا وڏا تہ ھالن پراڻن کي خير حافظ ڪري نوَن ھالن ۾ اچي وسيا، پر اڄ بہ آئون روحاني طور پاڻ کي ان ڳوٺ جو واسي ٿو سمجهان. منھنجي رڳن ۾ صوفي صاحب جو خون تہ آھي ئي پر روح ۾ پڻ سندن پرِيت جي ڪا رمز سمايل آھي. بي سمجهہ ٻار ئي آھيان جو گهر ۾ سندن ذڪر ڪنن تي پيو، ڄڻ تہ وڇڙيل محبُ ڪنھن ياد ڏياريو... سمجهہ لائق ٿيس تہ فقير صاحب بابت پڇڻ شروع ڪيم ۽ ان ڏَس ۾ سال 12-2011ع ڌاري چاچي اشوڪ آسواڻيءَ مونکي سنڌي ادبي بورڊ جي ويبسائيٽ تي رکيل مختلف ڪتابن مان سندن احوال پڙهايو. اڳيان ھلي مونو ٽيڪنيڪل ڪاليج اَجن شاه(لڳ ھالا) ۾ پڙھڻ دوران قابل استاد محمد حبيب سنائي جن جي رھنمائي نصيب ٿي، جن ڏاڏا آسورام بابت ڳچ مواد ڏنو ۽ ڊاڪٽر مخمور بخاري صاحب سان پڻ واقفيت ڪرائي.

مخمور صاحب سندن لائبريري تي ديوان آسُو(پھرين ڇاپي) جا ڪي صفحا ڏنا ۽ سنڌالاجي لائبريري جو ڏس پتو ڏنو. بس ٻئي ٽئي ڏينھن ئي (15 آڪٽوبر 2013ع تي) چاچي اشوڪ آسواڻي سان گڏجي ”ديوان آسُو“ جي مڪمل فوٽو ڪاپي کڻي آياسين. گهر ويٺي ھي ڪتاب پڙهندو رھيس جو ھڪڙي ڏينھن بابا ليکراج مل (منھنجي ڏاڏَي) جن اچي چيو: ”ڏاڏا آسُوءَ جا اصل ھٿ اکر لکيل ڪتاب پاڻ وٽ موجود آھن، پر ضعيف حالت ۾ آھن. جيڪڏھن انهن جو خيال رکين تہ تُنھنجي حوالي ڪريون!“. بندو ڪيئن ڀلا انڪار ڪري؟! بس اقرار جي دير ھئي. چند ڏينھن کان پوءِ پاڻ ڪرم نوازي ڪري منھنجي حوالي ٻہ مسوَدا ڪيائون. تقريبن 421 صفحن تي مشتمل پھرين مسوَدي ۾ ٻہ ڪتاب: ”ديوانِ آسُو“ ۽ ”ويراڳ نامو“ جوڙيل آھن. في صفحي جي سائيز 8x12.5 انچ آھي. ھن جي وچ ۾ 30/35 پرچيون ۽ پنن جا ٽڪرا بہ آيل آھن جن ۾ فقير صاحب جو پنھنجو ۽ ٻين شاعرن جو شعر لکيل آھي. تقريبن 223 صفحن تي مشتمل ٻئي مسوَدي ۾ ھڪ ڪتاب ”رسالو آسُومل صوفي“ جوڙيل آھي. رجسٽر نُما مسوَدي ۾ في صفحي جي سائيز 5x13 انچ آھي.
مسوَدا ملڻ بعد سڄي سڄي رات سندن ڪويتا پڙھندو رھندو ھئس. ڪمال جو فڪر ۽ خيال جي پرواز ڏسي ويتر فقير صاحب ڏانھن دلچسپي وڌي ۽ سندن ڪلام ڇپائڻ جو ويچار آيم. 2017ع تائين سمورو ڪلام ڪمپوز ڪري ڪجهہ اديب استادن کي نئين سر ايڊٽنگ ۽ ڇپائي لاءِ عرض رکيم، پر ڪا خاص موٽ نہ ملي. ممڪن آھي تہ ان جو سبب ھن ڪتاب ۾ موجود ھِندي لفظ بہ ھجن. خير! مالي وسيلا نہ ھئڻ ڪري بہ اڳڀرائي ڪو نہ ٿي سگهي.
سِڪ وڌندي وئي، اِرادا مضبوط ٿيندا رھيا ۽ ھيءُ ديوانو مواد جي ڳولا ۾ ڪڏھن ھالا نوان/پراڻا، جهوڪ شريف، لائبريرين ۾، انٽرنيٽ تي تہ ڪڏھن ھِند سنڌ ۾ فونن تي ماڻهن سان رابطا ڪندو رھيو، جو منَ ڪٿان سندن بابت ڪو وڌيڪ احوال ملي! فقير صاحب جي وقت جا ماڻهو تہ سڀ جھان ڇڏي چڪا ۽ بعد جي ٽھيُن ۾ ايڪڙ ٻيڪڙ دلچسپي ھئڻ ڪري مواد ملڻ بنهَہ ڏکيو! نيٺ ستگر ھاديءَ جي ظاھري باطني مدد سان ڪافي مواد حاصل ٿيو. ھن سموري عمل ۾ پڙھائي، پوءِ نوڪري ۽ مسلسل مصروفيت ڪري ڪم جي رفتار جهَڪي رھي. پر اسلام آباد ۾ نوڪري دوران وقت مليو ۽ جُون 2022ع کان پنھنجي سِر باقاعدہ ڪم شروع ڪيم.

فقير آسورام جن جِي پھرين ۽ گهڻي ڀاڱي مُستنَد سوانحِ حيات (جيوڻي) محمد صديق ميمڻَ ’سنڌ جي ادبي تاريخ‘ ۾ آندي ۽ ٻيو مُستنَد احوال مورُومل ڌانڌا ’سنڌي برھم کترين جو ڌارمِڪ ۽ سَماجِڪ اتھاس‘ ۾ ڏنو. باقي تقريبن ھِند، سنڌ جي ليکڪن ميمڻ صاحب وارو احوال ڏيندي پنھنجي ڪَٽَ، جوڙ ڪئي آھي. مون فقير صاحب بابت ميڙ چونڊ مان سندن مختصر جيوَن خاڪو ’صوفي آسورام - ھڪ وساريل شاعرجي عنوان سان عوامي آواز مئگزين (15 مارچ 2015ع) ۾ ڇپايو ۽ ھن وقت تائين صوفي صاحب تي آيل ليکن جو تبصرو توڙي تنقيدي جائزو وٺي، تحقيق سان سندن زندگي جو احوال، شاعري، ديوانَ جي پھرين ڇاپي ۽ فڪر جو جامع تعارف ’مُقدمي۾ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم.
ديوانِ آسو‘ (ڪلام) کي تيار ڪرڻ ۾ ڊاڪٽر ھوتچند مانُومل ۽ فقير ٿانورداس جا نسخا بہ نظر ھيٺ رھيا. ڊاڪٽر ھوتچند، فقير صاحب جي وڏي ڀاءَ رامچند جو پوٽو ھو، جنھن ھٿ اکر ۽ ڇپيل ديوان کي ملائي ھڪ نسخو تيار ڪيو. ھن جي ڪاپي ڪاڪا مُڪيش آسواڻيءَ طرفان ملي. صوفيءَ جي پڙپوٽي فقير ٿانورداس اصل نسخي مان شعر کڻي الڳ نسخو تيار ڪيو. پاڻ ڪلام کي ڇپائڻ جي بہ گهڻي ڪوشش ڪيائون پر ڪِن مجبورين سبب ڪاميابي حاصل نہ ٿي سگهين. ھِن مسوَدي جي ڪاپي بابا ليکراج جن وٽان ملي. انهن ٻنهي نسخن سميت ڇپيل ديوان ۽ اصل ھٿ اکري نسخي کي ڀيٽي، پڙھڻيون درست ڪري ھيٺان فُٽ نوٽ ۾ ڏکين لفظن جون معنائون ڏنيون اٿم تہ جيئن ھر عام، خاص آساني سان پڙھي ۽ سمجهي سگهي. جلد ئي فقير صاحب جا جوڙيل باقي ٻہ ڪتاب ويراڳ نامو‘ ۽ ’رسالو آسُومل صوفي‘ پڻ منظر عام تي آندا ويندا.

اول ڪرمَ ايشوَر جا، ھادي عطاءُ الله ٿيو نِگھبان. تنھن بعد آئون پنھنجي ڏاڏَي ۽ صوفي آسورام جن جي پڙپوٽي حڪيم ليکراج مل ۽ خاندان وارن جو تھِ دل سان ٿورائتو آھيان جو پاڻ ڪرم نوازي ڪري فقير صاحب جن جو ڪلام، سندن زندگي جون ڳالهيون ۽ ٻيو مواد مون سان ونڊيائون ۽ ھر طرح سان رھنمائي ڪندا رھن ٿا. محترم استاد ڊاڪٽر مخمور بخاري جن جا وڏا وڙ، پاڻ ھن ڪتاب جي مختلف مرحلن دوران رھنمائي ڪيائون. پڻ سندن صحبت سنڌي ادب ۽ ڪتاب پڙهڻ جو شوق وڌايو. سائين تاج جويي صاحب منڍُ، جنم ساکي ۽ اشلوڪن کي سمجهڻ ۽ بھتر بڻائڻ ۾ مدد ڪئي. اڻ ڳڻيون محبتون ۽ احسان مانَ واري فقير ھادي بخش ڦل(ٽالپر وڏا) جن جا، پاڻ ھن ڪتاب ۾ غلطين جون درستگيون ڪيائون ۽ تصوف جي نڪتن کي سمجهائيندي منھنجي رھنمائي ڪندا رھن ٿا. ھن ڪتاب ۾ ھِندي لفظن ۽ ويدانت جي نڪتن کي سمجهائڻ لاءِ آئون پنھنجي امڙ جيجل، فقير خادم جلالي(ٽالپر وڏا)، راڪيش پريم پرڪاشي(ڪشمور)، ڪرن واڻي(گنگانگر، انڊيا) ۽ ڊاڪٽر ڪملا گوڪلاڻي(اجمير، اِنڊيا) جن جو احسان مند آھيان. مختلف مواد گڏ ڪرڻ ۽ رھنمائي لاءِ قبلا صوفي محبوب علي سَتاري(جهوڪ شريف)، صوفي ذوالفقار علي سَتاري(تجل شريف)، مُڪيش آسواڻي(گاديسر درٻار صوفي آسُورام صاحب، ناگپور، انڊيا)، فقير نواب امداد علي لغاري(تاجپور)، سائين حبيب سنائي(ھالا پراڻا)، نور الدين ارباب(ھالا پراڻا)، پرٿوي راج(ڀاءُ)، اشوڪ آسواڻي(ھالا)، عرفان احمد چانڊيو(ھالا)، صاحب خان ميراڻي(نئون ديرو)، طارق حيات لاشاري(سکر) ۽ ٻين خاندان وارن توڙي عزيزن، دوستن جا لک ٿورا، جن جا احسان ھيءُ ناچيز ھرگز نٿو وساري سگهي.

ھن طرح جو ھي منھنجو پھريون ادبي پورهيو آھي. ڄاڻان ٿو تہ ڀرپور ڪوشش باوجود بہ گهڻيون چُڪون رھجي ويون ھونديون. پر جيئن تہ بندو خطا جو گهر ۽ طالبِ علم آھي تہ انھيءَ لاءِ اوھان سڄڻن کان ڍَڪَ ۽ رھنمائي جي اُميد رکي ٿو. فقير صاحب بِنسبت مواد يا غلطين جي سُڌاري لاءِ ھن خادم کي ضرور آگاه ڪندا.


دعاگو
آڪاش آسواڻي

(تڙپوٽو فقير آسُورام)

ھالا نوان

Comments

Popular posts from this blog

Sufi AassuRam – A Forgotten Poet (Short Biography)

’سوال جواب‘ بيت جو نمونو

ديوانِ آسُو ڪتاب - Deewan-e-Aassu book [PDF]