Posts

Showing posts from December, 2025

Deewan-e-Aasu [latest edition] ديوان آسو [نئون ڇاپو]

Image
  صوفي آسورام فقير جن جي شاعري جو پھريون ڪتاب ’ديوانِ آسو‘ (غزلن جو مجموعو) ڇپجي پڌرو ٿي ويو آھي. ڪتاب گهرائڻ لاءِ ھيٺ ڏنل نمبر تي رابطو ڪند ا: +923362838913 https://www.facebook.com/share/p/1D4dkVuryo ڪتاب جو نالو: ديوانِ آسُو شاعر: ماستر آسُومل ڏاندُومل فقير صوفي (صوفي آسُورام) تحقيق ۽ ترتيب: آڪاش آسواڻي ڇاپو ٻيو: سيپٽمبر 2025ع قيمت: 1200 روپيہ تعداد: 300 صفحا: 384 ڇپائيندڙ: حڪيم ليکراج مل کتري (آسواڻي) ۽ سندس ڪُٽنب، ھالا نوان، سنڌ، پاڪستان ڇپيندڙ: اِيسٽ لائين ڪميونيڪيشن، حيدرآباد Book name: DEEWAN-E-AASSU Poet: Aassu Mal Daandu Mal Faqeer Sufi (Sufi AassuRam) Compiled by: Aakash Aasswani 2 nd Editon:   September - 2025 Printed by: East Line Communication, Hyderabad Published by: Hakeem Lekhraj Mal Khatri (Aaswani) & his family, Hala New, Sindh, Pakistan Price: 1200 PKR Web link: www.sufiassoram.blogspot.com Facebook page: Sufi Faqeer Sain AassuRam Sahib       ماستر آسومل، صوفي آسومل، آسومل فقير، سنت آسورام، صوفي آ...

Book: Deewan-e-Aasu published

Image
  فقير صاحب سائين آسُورام ۽ ھالا پراڻا سان منھنجي پرِيت جو ناتو ڪو جنمن جو آھي. 1971ع ۾ اسان جا وڏا تہ ھالن پراڻن کي خير حافظ ڪري نوَن ھالن ۾ اچي وسيا، پر اڄ بہ آئون روحاني طور پاڻ کي ان ڳوٺ جو واسي ٿو سمجهان. منھنجي رڳن ۾ صوفي صاحب جو خون تہ آھي ئي پر روح ۾ پڻ سندن پرِيت جي ڪا رمز سمايل آھي. بي سمجهہ ٻار ئي آھيان جو گهر ۾ سندن ذڪر ڪنن تي پيو، ڄڻ تہ وڇڙيل محبُ ڪنھن ياد ڏياريو... سمجهہ لائق ٿيس تہ فقير صاحب بابت پڇڻ شروع ڪيم ۽ ان ڏَس ۾ سال 12-2011ع ڌاري چاچي اشوڪ آسواڻيءَ مونکي سنڌي ادبي بورڊ جي ويبسائيٽ تي رکيل مختلف ڪتابن مان سندن احوال پڙهايو. اڳيان ھلي مونو ٽيڪنيڪل ڪاليج اَجن شاه(لڳ ھالا) ۾ پڙھڻ دوران قابل استاد محمد حبيب سنائي جن جي رھنمائي نصيب ٿي، جن ڏاڏا آسورام بابت ڳچ مواد ڏنو ۽ ڊاڪٽر مخمور بخاري صاحب سان پڻ واقفيت ڪرائي . مخمور صاحب سندن لائبريري تي ديوان آسُو(پھرين ڇاپي) جا ڪي صفحا ڏنا ۽ سنڌالاجي لائبريري جو ڏس پتو ڏنو. بس ٻئي ٽئي ڏينھن ئي (15 آڪٽوبر 2013ع تي) چاچي اشوڪ آسواڻي سان گڏجي ”ديوان آسُو“ جي مڪمل فوٽو ڪاپي کڻي آياسين. گهر ويٺي ھي ڪتاب پڙهندو رھيس جو ھڪڙي ...