Posts

Showing posts from May, 2024

صبا! سچ چؤ مونکي ھاڻي، سڳر ۾ سار ھئي يا ڪيئن؟

Image
 صبا! سچ چؤ مونکي ھاڻي، سڳر ۾ سار ھئي يا ڪيئن؟ ڪريمن جي ڪچهريءَ ۾، گولي گفتار ھئي يا ڪيئن؟   سدا سڪ مان سنڀاريان ٿي، اکين مان آب ھاريان ٿي، جڏو جيءُ توھه تاريان ٿي، طالب جي تار ھئي يا ڪيئن؟   ڪئين مون جيئن گنديون گوليون، اُڀيون در تي جھليو جھوليون، پون ماڪر ٻانهيءَ ٻوليون، اگھامڻ آر ھئي يا ڪيئن؟   دلاسو خواب ۾ مليو، دارون ھن درد جو کليو، اڃان ڇو دير ٿي ڍليو، اھا اخبار ھئي يا ڪيئن؟   اگھيءَ، عيبدار، عاريءَ جي، بديون بخشڻ ستاريءَ جي، ڏيڻ ڏاتن ڏاتاريءَ جي، خبر ڪا چار ھئي يا ڪيئن؟   مٺا ماکيءَ ڪنان مصري، ’آسو‘ ويندا نه سي وسري، وڃان گوڏن سان ات گسري، وصل جي وار ھئي يا ڪيئن؟   فقير آسُورام صوفي ڪافي 172، ويراڳ نامو