ديواني جي خواب، آڪاش کي عنبر ڪري ڇڏيو
نياز مسرور بدوي 13/06/2026 ' ديواني جي خواب، آڪاش کي عنبر ڪري ڇڏيو ' هي حيات جر جي ڦوٽي مثل آهي ۽ هڪ اهڙو مٽيءَ جو پنوڙو آهي، جنھن کي رب عظيم ڪُن جي حڪم سان، نفساني ۽ روحاني حقيقتن سان معمور ۽ مخمور ڪري، دنيا جي خاص عنصرن سان سينگاري راس ڪري، عروج جي آسمان جي شاهي خلعت عطا ڪري، شاهي شرف بخشيو. انسان، رب تعالىٰ جي نھايت اعلىٰ تخليق آهي، جنھن جو پيرو لھڻ جي ڪوشش ۾ خود انسان کي ڪروڙين ورهيہ گذري ويا آهن، پر پنھنجي حقيقت کي هن تائين سمجهي نہ سگهيو آهي. سندن فلسفا پاڇون جي مثل آهن، جن ان سچائيءَ جي اڳيان لفاظيءَ جا پردا جُهلائيندي، معراج ماڻڻ واري حقيقت کي اڃان وڌيڪ ڏکيو ڪري ڇڏيو آهي. تبليغ جي تحقيق ڪرڻ بدران ان کي اهڙيون واٽون گهڙيون آهن، جن انسان کي وڌيڪ مونجهاري جو شڪار ڪري ڇڏيو آهي. پر جن محبت جي ان حقيقت کي بنا ڪنھن دليل جي پرجهيو آهي، انھن پرکڻ جي جستجو ڇڏي، فقط ئي فقط محبت کي پنھنجو شعار بڻائي، حقيقت جي حسين وادين جو سير ڪندا رهيا آهن، جتي انت محبوبي انت محبوبيءَ جون صدائون بلند ڪندا رهيا، اهو ورد دل جي ڌڪ ڌڪ سان وجود کي پاڪائي عطا ڪندي، روحاني مقام ڏانھن سد...