صوفي آسُورام فقير جي زندگي جو احوال (عوامي آواز ميگزين ۾ ڇپيل)
صُوفي آسُورام – هڪ وساريل شاعر (مختصر سوانح عمري) آڪاش آسواڻي - 18 مارچ 2015 سنڌ ڏيهه ۾ درويشن، دانشورن، صوفين، الهه لوڪن ۽ شاعرن جي ڪمي ڪا نه آهي. گهڻن ئي درجن جا شاعر ٿي گذريا آهن. جيستائين حُسن، عشق ۽ خوبي دنيا ۾ موجود آهي. تيستائين شعر گوئيءَ جو ميدان پڻ گرم رهندو. سنڌ هميشه شاعري، ثقافت، علم و ادب ۽ تصوف جو گهوارو رهيو آهي. سنڌ جي انهيءَ اجهاڳ سمنڊ جي بي انت تري ۾ بي بها موتي پيا سپجن. جن علم و ادب جي جهان کي وڌيڪ جرڪائي ڇڏيو آهي. اهڙن جڳ جرڪائيندڙ ۽ من موهيندڙ موتين واري مالها ۾ سنڌ جي هڪ عظيم صوفي درويش صوفي فقير ماستر آسُورام صاحب جن جو نالو پڻ نمايان نظر ايندو. جنم ۽ نالو: ضلعي مٽياري جي تعلقي هالا لڳ پراڻن هالن جو ڳوٺ منصُوب آهي، جتي سائين ڏاندُو مل جو گهراڻو رهندو هو. سائين ڏاندُو مل ذات جو برهم کتري ۽ نُک جو هَرگُڻ هو. کيس ٽن نيڪ ۽ صالح پُٽن جو اولاد ٿيو. وڏو سائين رامچند صاحب، وچُون سائين آسُومل صاحب ۽ باقي ننڍي ڀاءُ جي نالي جو پتو ڪو نه پيو آهي، البته پاڻ ٻاراڻي وهيءَ ۾ ئي مالڪ سان وڃي مليو. سائين آسُومل ولد سائين ڏاندُو مل صاحب جن جو جنم 21 اسُو 1910 وڪرمي س...