Posts

ديواني جي خواب، آڪاش کي عنبر ڪري ڇڏيو

Image
نياز مسرور بدوي  13/06/2026  ' ديواني جي خواب، آڪاش کي عنبر ڪري ڇڏيو '   هي حيات جر جي ڦوٽي مثل آهي ۽ هڪ اهڙو مٽيءَ جو پنوڙو آهي، جنھن کي رب عظيم ڪُن جي حڪم سان، نفساني ۽ روحاني حقيقتن سان معمور ۽ مخمور ڪري، دنيا جي خاص عنصرن سان سينگاري راس ڪري، عروج جي آسمان جي شاهي خلعت عطا ڪري، شاهي شرف بخشيو. انسان، رب تعالىٰ جي نھايت اعلىٰ تخليق آهي، جنھن جو پيرو لھڻ جي ڪوشش ۾ خود انسان کي ڪروڙين ورهيہ گذري ويا آهن، پر پنھنجي حقيقت کي هن تائين سمجهي نہ سگهيو آهي. سندن فلسفا پاڇون جي مثل آهن، جن ان سچائيءَ جي اڳيان لفاظيءَ جا پردا جُهلائيندي، معراج ماڻڻ واري حقيقت کي اڃان وڌيڪ ڏکيو ڪري ڇڏيو آهي. تبليغ جي تحقيق ڪرڻ بدران ان کي اهڙيون واٽون گهڙيون آهن، جن انسان کي وڌيڪ مونجهاري جو شڪار ڪري ڇڏيو آهي. پر جن محبت جي ان حقيقت کي بنا ڪنھن دليل جي پرجهيو آهي، انھن پرکڻ جي جستجو ڇڏي، فقط ئي فقط محبت کي پنھنجو شعار بڻائي، حقيقت جي حسين وادين جو سير ڪندا رهيا آهن، جتي انت محبوبي انت محبوبيءَ جون صدائون بلند ڪندا رهيا، اهو ورد دل جي ڌڪ ڌڪ سان وجود کي پاڪائي عطا ڪندي، روحاني مقام ڏانھن سد...

GHAZAL: Kayam Virlaap Dilbar Khe Chayaain Chup | ڪيم وڙلاپ دلبر کي، چيائين: چُپ

Image
Kayam Virlaap Dilbar Khe Chayaain Chup Singer: Mansoor Abbasi  Poet: Sufi Aasuram Faqeer  Composition/selection: Kousar Soz Halai Presented by:  Aakash Asswani  Book: Deewan-e-Aasu, 2025, p. 199 0336-2838913  ڪيم وڙلاپ دلبر کي، چيائين: چُپ. شاعر: ماستر آسُومل (صوفي آسورام فقير) آواز: منصور عباسي ڌُن جي چونڊ: ڪوثر سوز ھالائي پيشڪش: آڪاش آسواڻي  ڪتاب ‘ديوانِ آسُو’، 2025ع، ص 199  ڪيُم وِڙلاپَ دلبر کي، چيائين: چپُ، جهليم تُنھنجي اچي در کي، چيائين: چپُ. ڪئين آھُون ڪيُم آزيون ۽ نيزاريون، پوي مَن ٻاجهہ پروَر کي، چيائين: چپُ. سَٺو مون کان نہ ٿئي، ڪِي سُور ھيءُ سانڍڻ، رَسيم ھيءُ حال اَبتَر کي، چيائين: چپُ. جدائي جور کان بھتر مرڻ مون کي، گڏيَس تُنھنجي نہ گوھر کي، چيائين: چپُ. کنيُم بُھتانَ، بَدين جون مٿي کاريون، تُنھنجي ڪارڻ سَٽيُم سِرَ کي، چيائين: چپُ. شَراڪَت ناه ڏاڍَي ساڻ رِي زاريءَ، ڇڏيَم ٻوڙي ٻِئي ٻَرَ کي، چيائين: چپُ. نڪا ماڻهن، نہ قدرت جي پيُم ڪا ڪَلَ، ڦِٽو گهوري ڪيُم گهَر کي، چيائين: چپُ. اديون! وِسَھو وَچنُ منھنجو ھنڊائي دل، نہ مَٽ لک سُک، پسڻ پِرَ کي، ...

Kaya Husun-e-To Hazaren Hairaan Ketra | Sindhi Ghazal | Sufi Aasuram

Image
  ڪيا حُسنِ تو ھزارين حيران ڪيترا! شاعر: ماستر آسومل صوفي عرف سَنت صوفي آسورام فقير آواز: منصور عباسي پيشڪش: آڪاش آسواڻي  Kaya Husn-e-To Hazaren Hairaan Ketra Poet: Master Aasu Mal Sufi alias Sant Sufi Aasuram Faqeer Singer: Mansoor Abbasi Presented by: Aakash Asswani ديوان آسو مان ورتل غزل: ڪيا حُسنِ تو ھزارين حيران ڪيترا! ٿيا ڳڻڻ کئُون اپارين احسان ڪيترا! عاشق ڳجهو ڳري ويا، سڪ سوز ۾ سڙي ويا، اِن نُور جي نُما ۾، پروانَ ڪيترا! عاشق جو ڦَٽُ فِراقي، مِٽجي ٿين مُلاقي، ويڄن ڪيا ٻيا وس، درمانَ ڪيترا! عاشق جي لاءِ سُوري، خلقئي اھا کٿورِي، ڀائن ٻيا نہ مَن کي، سامان ڪيترا! عاشق ڪئين ڪنبايا، ھن حُسنِ تو ستايا، ڪفني گلي گدائي، سلطان ڪيترا! عاشق سِرَي سنباھي، آيا ڪُڏي ڪي ڪاھي، پر محل جي درن تي، دربانَ ڪيترا! معشوق ڪھل ڪھڙي؟ عادت وفا نہ جھڙي، ان مام ۾ ڏٺا مون، مستانَ ڪيترا! آھيان نہ ھيڪ سائل، سھسين ٻيا سڪايل، سر گهور گهايلن ڪيا، قربانَ ڪيترا! ھن بي بقا دنيا جي، ٿيا حُسن ۾ فدا جي، ھَئِہ ھَئِہ وڃائي ويَڙا، ايمانَ ڪيترا! توفيق رکج ’آسُو‘، ھرگز نہ ٿيءُ نِراسُو، آخر ملين، ڪرين ڇو؟ ارمان ڪيترا!...

صوفي آسورام فقير جو ديوان “ديوان آسو“ ۽ آڪاش آسواڻي

Image
 صوفي آسورام فقير جو ديوان "ديوان آسو" ۽ آڪاش آسواڻي ليکڪ: محمد حبيب سنائي  ذاتي طرح مون لاءِ اڻ کٽ سرھائيءَ جو ھڪ سبب اھو آھي تہ منھنجي ڳوٺ ھالاپراڻا جي ھڪ وساريل ويدانتي ۽ صوفي شاعر ۽ اعليٰ حڪيم جو پھريون ديوان يعني غزلن جو مجموعو، جيڪو 1897 ۾ لکيو ويو ۽ اندازن 1934 يا 1935 ۾ شايع ٿيو، سو ذري گهٽ نوي سالن کان پوءِ، ٻيھر انتھائي شانائتي نموني شايع ٿيو آھي. تنھن کان پوءِ وڌيڪ خوشيءَ جو ھڪ ٻيو سبب اھو بہ آھي تہ انھيءَ ديوان جي اشاعت ۽ سنوار جي مھابي پياري آڪاش آسواڻي جي صورت ۾ اسان لاءِ ھڪ بھترين نوجوان محقق نروار ٿيو آھي، جنھن ھن کان اڳ شايد ڪو ھڪڙو ليک بہ نہ لکيو ھو. آڪاش ھڪ پاسي ھن ڪتاب جو بھترين ۽ گهڻ پاسائون مقدمو لکيو آھي، تہ ٻئي پاسي ھن ڪتاب ۾ شامل غزلن ۾ ڪم آيل ڏکين لفظن جي معنائن جي لغت بہ تيار ڪئي آھي. سندس انھيءَ علمي اُدم تي کيس سلام پيش ڪجي ٿو، ۽ اھا اميد ڪجي ٿي تہ ھو صوفي آسورام فقير جي ٻي مواد کي بہ اھڙي نموني سنواري ترتيب ڏيندو. اڳتي وڌڻ کان پھرئين ھتي سنڌ جي ادبي ادارن کي وينتي ڪرڻ مناسب رھندو تہ ھيءُ ڪتاب تہ ھن نوجوان پنھنجي ھڙان وڙان خرچ ڪري شايع ڪيو آھي، پر...

Deewan-e-Aasu [latest edition] ديوان آسو [نئون ڇاپو]

Image
  صوفي آسورام فقير جن جي شاعري جو پھريون ڪتاب ’ديوانِ آسو‘ (غزلن جو مجموعو) ڇپجي پڌرو ٿي ويو آھي. ڪتاب گهرائڻ لاءِ ھيٺ ڏنل نمبر تي رابطو ڪند ا: +923362838913 https://www.facebook.com/share/p/1D4dkVuryo ڪتاب جو نالو: ديوانِ آسُو شاعر: ماستر آسُومل ڏاندُومل فقير صوفي (صوفي آسُورام) تحقيق ۽ ترتيب: آڪاش آسواڻي ڇاپو ٻيو: سيپٽمبر 2025ع قيمت: 1200 روپيہ تعداد: 300 صفحا: 384 ڇپائيندڙ: حڪيم ليکراج مل کتري (آسواڻي) ۽ سندس ڪُٽنب، ھالا نوان، سنڌ، پاڪستان ڇپيندڙ: اِيسٽ لائين ڪميونيڪيشن، حيدرآباد Book name: DEEWAN-E-AASSU Poet: Aassu Mal Daandu Mal Faqeer Sufi (Sufi AassuRam) Compiled by: Aakash Aasswani 2 nd Editon:   September - 2025 Printed by: East Line Communication, Hyderabad Published by: Hakeem Lekhraj Mal Khatri (Aaswani) & his family, Hala New, Sindh, Pakistan Price: 1200 PKR Web link: www.sufiassoram.blogspot.com Facebook page: Sufi Faqeer Sain AassuRam Sahib       ماستر آسومل، صوفي آسومل، آسومل فقير، سنت آسورام، صوفي آ...