صوفي آسورام فقير جو ديوان “ديوان آسو“ ۽ آڪاش آسواڻي

 صوفي آسورام فقير جو ديوان "ديوان آسو" ۽ آڪاش آسواڻي

ليکڪ: محمد حبيب سنائي


 ذاتي طرح مون لاءِ اڻ کٽ سرھائيءَ جو ھڪ سبب اھو آھي تہ منھنجي ڳوٺ ھالاپراڻا جي ھڪ وساريل ويدانتي ۽ صوفي شاعر ۽ اعليٰ حڪيم جو پھريون ديوان يعني غزلن جو مجموعو، جيڪو 1897 ۾ لکيو ويو ۽ اندازن 1934 يا 1935 ۾ شايع ٿيو، سو ذري گهٽ نوي سالن کان پوءِ، ٻيھر انتھائي شانائتي نموني شايع ٿيو آھي. تنھن کان پوءِ وڌيڪ خوشيءَ جو ھڪ ٻيو سبب اھو بہ آھي تہ انھيءَ ديوان جي اشاعت ۽ سنوار جي مھابي پياري آڪاش آسواڻي جي صورت ۾ اسان لاءِ ھڪ بھترين نوجوان محقق نروار ٿيو آھي، جنھن ھن کان اڳ شايد ڪو ھڪڙو ليک بہ نہ لکيو ھو. آڪاش ھڪ پاسي ھن ڪتاب جو بھترين ۽ گهڻ پاسائون مقدمو لکيو آھي، تہ ٻئي پاسي ھن ڪتاب ۾ شامل غزلن ۾ ڪم آيل ڏکين لفظن جي معنائن جي لغت بہ تيار ڪئي آھي. سندس انھيءَ علمي اُدم تي کيس سلام پيش ڪجي ٿو، ۽ اھا اميد ڪجي ٿي تہ ھو صوفي آسورام فقير جي ٻي مواد کي بہ اھڙي نموني سنواري ترتيب ڏيندو. اڳتي وڌڻ کان پھرئين ھتي سنڌ جي ادبي ادارن کي وينتي ڪرڻ مناسب رھندو تہ ھيءُ ڪتاب تہ ھن نوجوان پنھنجي ھڙان وڙان خرچ ڪري شايع ڪيو آھي، پر صوفي آسورام فقير جي ٻين ڪتابن جي اشاعت ۾ سندس ڀرپور سھائتا ڪري پنھنجو حقيقي رول ادا ڪيو وڃي.  

 صوفي آسو رام فقير جنھن دور ۾ پيدا ٿيو ۽ وڌيو ويجهيو، سو دور عام طور پوري سنڌ جي، پر خاص طور ھالا جي علمي ۽ ادبي زرخيري جو اھم ترين دور رھيو آھي. صوفي صاحب جڏھن چئن سالن جو ھو تہ سندس ڳوٺائي ۽ سنڌي ۾ پھريون ديوان خلقيندڙ يا شايع ڪرائيندڙ (جيئن مانائتو ڊاڪٽر مخمور بخاري جو خيال آھي) خليفو گل محمد گل ھالائي (1784-1858) فوت ٿيو ۽ انھيءَ سال ئي سندس نامور ديوان گل جو پھريون ڇاپو بہ شايع ٿيو ھو، جنھن ۾ سندس 12 صفحن تي ڦھليل انوکو مھاڳ بہ شامل ھو، جيڪو پوءِ وارن ڇاپن ۾ شايع نہ ٿيو. جيئن محترم ڊاڪٽر مخمور بخاري صاحب ھن ڪتاب جي مھاڳ ۾ لکيو آھي تہ سنڌي غزلن جو ٽيون ۽ ھالاپراڻا جي ادبي تاريخ جو ٻيو ديوان ”ديوان قاسم“ سال 1875 ۾ شايع ٿيو ھو، جنھن جو خلقيندڙ آخوند محمد قاسم نعمت اللھ ھالائي (1881-1806) ھو، جيڪو صوفي آسورام جو ڳوٺائي ۽ وڏو ھمعصر ھو. آخوند قاسم لاءِ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي لکيو آھي تہ ھن کي علم عروض جي ڄاڻ خليفي گل کان وڌيڪ ھئي. ان وقت صوفي آسورام 21 ورھين جو ھو، ۽ 1871 کان وٺي 1873 تائين ڀريا ٽي سال ماستري جو حيدراباد ۾ ڪورس ڪري، سال ٻن کان ڪنھن اسڪول ۾ استاد طور فرائض سرانجام ڏئي رھيو ھو. پياري آڪاش صوفي صاحب جي شاعري تي انھن ٻنھي شاعرن جي اثرن جو احوال پنھنجي مقدمي ۾ بہ آندو آھي. ھتي اھو ٻڌائڻ غير مناسب نہ رھندو تہ ان زماني ۾ ھڪ پاسي ھالاپراڻا ۾ ٻيا بہ ڪافي شاعر، اديب، عالم ۽ اھل دل موجود ھئا، جن ۾آخوند اميد علي سھا سانوڻي (وفات 1881)، سائين ولايت راءِ (1887-1825)، آخوند احمد سانوڻي ھالائي (وصال 1899)، خليفو لطف اللھ سانوڻي ھالائي، آخوند رحمت اللھ سانوڻي ھالائي (وصال 1887)، قاضي عبدالقوي شريف (1810-1875)، مخدوم ابراھيم صوفي (1865-1913)، مولوي الحاج محمد قريشي (1918-1860)، سيد فقير علي شاھ، جنھن کان صوفي صاحب حڪمت سکي، آخوند محمد بچل قريشي، مجذوب فقير رمضان ڪوري (وصال 1937) مخدوم محمد صالح ڀٽي (1953-1887) ۽ ٻيا شامل آھن. ھالا کان علاوہ صوفي صاحب جا ٻيا نامور ھمعصر ھئا، تن ۾ ھڪڙو سائين مصري شاھ رضوي (1828-1906) بہ آھي، جنھن سان ھن جو تعلق دوستي جهڙو ھو. ان زماني ۾ حيدرآباد جو شھر بہ علم ۽ ادب جو مکيہ مرڪز ھو، جتي مرزا خانوادي جو مھندرا مرزا قليچ بيگ ۽ ٻيا ڪيترا شاعر، ۽ غزل جي ٻئي ديوان جو تخليقڪار سيد فاضل شاھ (1836-1900) بہ موجود ھئا. ان وقت جي شاعرن ۾ شعر و شاعري جو مقابلو رھندو ھو. آڪاش جي لکت موجب ان زماني ۾ ’سنڌ سڌار‘ اخبار برپا ٿي، جنھن ۾ نہ صرف شاعرن جا غزل شايع ٿيندا ھئا، پر انھن تي تنقيد بہ شايع ٿيندي ھئي. ظاھر آھي تہ اھڙي علمي ادبي ۽ روحاني ماحول اسان جي صوفي آسورام فقير صاحب تي اڻ مٽ اثر ڇڏيا. 

 ”ديوان آسو“ کان علاوہ سندس ٻہ اھم شاعري جا مجموعا ھيسيتائين باجود سندس خاندان جي ڪوششن جي اڻ ڇپيل آھن. انھن اڻڇپيل ڪتابن ۾ پھريون عام طور تي ”پريم غنچا“ جي نالي سان مشھور آھي، پر بقول آڪاش جي تہ ان جو اصلي نالو ”ويراڳ نامو“ آھي، جنھن ۾ سندس لکت موجب 465 ڪافيون، 75 ڀڄن، 48 شبد، 4 آرتيون، 4 مثنويون، 2 سي حرفيون يا مناجاتون، 43 صدائون ۽ بيت، ھڪ مخمس ۽ ڇھن سرن تي آڌاري بيت شامل آھن. سندس ٽئين ادبي ڪاوش جو نالو ”رسالو آسو مل صوفي“ آھي، جنھن ۾ 1276 بيت آھن. آڪاش جي لکت موجب 36 سرن ۾ رچيل ھي بيت وري ھفتو، ٽيھ راتي، ٻارھن ماھي، ٻاون اکري، 106 متفرقا ۽ سوال جواب جي عنوانن تحت ورڇيل آھن. ھن ديوان آسو ۾ 160 غزل رديفن جي حساب سان شامل آھن. ان کان علاوھ ھن ڪتاب جي تصنيف جي سال جي حوالي سان ٽي رباعيون آھن. آخر ۾ ٻن صاحبن ماستر سھجرام ۽ اسڪول ھيڊماسٽر محمد سلطان جا نظم ۾ لکيل سرٽيفڪيٽ شامل آھن. محترم محمد سلطان، آڪاش جي لکت موجب سابقہ ڊي آئي جي ايف آئي ۽ ھن مسلم ليگ نون جي صدر بشير احمد ميمڻ صاحب جو پڙڏاڏو ھو. ان سرٽيفڪٽ مان چند سٽون اوھان جي سماعتن جي نظر ڪجن ٿيون.

ڏٺو ديوان آسو مون چڪاسي،

محبت مان سندس الفاظ جاچي.

عقيدا ان سندا اسلام جھڙا،

سچي سائينءَ سندي ميلاپ جهڙا.

سبق سلطان سک صوفيءَ ڪنان تون،

علم ۽ فن ۾ جو سرسُ توکئون.


 اڳتي وڌڻ کان اڳ اھو ٻڌائڻ مناسب رھندو تہ انھي ڪتاب جي اشاعت تي کيس ھڪ پاسي تمام گهڻي پذيرائيبہ ملي تہ وري انتھاپسندن ھندن کيس تنقيد جو نشان بنايو ھو تہ ھن جا عقيدا سنڌانت اسلام جھڙا آھن ... اھو ڪتاب اسلام جي پرچار واسطي ٺاھيو ۽ ڇپايو ويو آھي. 

ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب سندس ھڪ مناجات پنھنجي ڪتاب ”مداحون ۽ مناجات“ ۾ شامل ڪئي آھي، پر بقول آڪاش جي تہ اھا قلمي نسخي ۾ موجود مناجات کان ڪجهہ مختلف آھي. ڊاڪٽر بلوچ صاحب صوفي آسورام پاران صوفي شاھ عنايت شھيد متعلق لکيل ڪيڏاري جي بيتن کي پنھنجي ڪتابن ”جنگ ناما“ ۽ ”واقعاتي بيتن“ ۾ پڻ شامل ڪيو آھي. ساڳئي طرح ڊاڪٽر عبدالمجيد سنڌي بہ پنھنجي ڪتاب ”سنڌي ۾ نعتيہ شاعري“ ۾ صوفي آسورام جي ھڪ مولود کي اڻپوري ۽ ٿورن لفظ ۾ ڦير گهير ڪري پيش ڪيو آھي. نامور جرمن اسڪالر ائنيميري شمل(2003-1922) پنھنجي ڪتاب And Muhammad is his messenger : the veneration of the Prophet in Islamic piety ۾ ڊاڪٽر بلوچ پاران شامل ڪيل مناجات جي شروعاتي سٽن جو انگريزي ترجمو اھو لکي پيش ڪيو تہ انڊيا جا ھندو شاعر بہ حضور پاڪ ﷺ کان شفاعت جي طلب ڪندا ھئا. 


بچائج، ڪفر غيرت کان، مدد ڪر يا رسول اللّٰه!

تون ئي آھين، نور نوراني، مٺو محبوب سبحاني،

نڪو ڪو ٻيو ٿيو تنھنجو ثاني، ڪرم ڪر يا رسول اللّٰه!

Save me from unbelief's darkness,

Help me, O Prophet of God!

You are the luminous light.

Friend, sweetest, of the Most High,

No second or third is like you —

Be merciful, Prophet of God… 


 ڊاڪٽر ھوتچند مولچند گربخشاڻي ادب جي ھڪ عالمي انسائيڪلوپيڊيا ۾ سنڌي ادب جي حوالي سان 1946 ۾ ھڪ مختصر ليک لکيو ھو، جنھن ۾ ھن شاھ سائين کان پوءِ جي اھم ترين صوفي شاعرن ۾ صوفي آسو رام جو نالو ڳڻايو آھي.

 ھن ديوان جو منڍ جيڪو صوفي آسورام پاڻ لکيو آھي، تنھنجو نثر ڏاڍو وڻندڙ آھي، جنھن مان ھڪ ٽڪرو اوھان سان ونڊڻ کان پھرئين اھو سوال ڪرڻ پيو گهران تہ ڇا فقير سائين جو ڪو ٻيو نثر نٿو ملي؟ سندس دلپذير نثر جو ھڪ ٽڪرو اوھان جي گوش گذار ڪجي ٿو:

”ھڪڙي ڏينھن پور پيم تہ سچو مذڪور ظاھر ڪريان. دل جي قالب مان ٻاھر ڌريان. جان پنھنجو حال پاتم ۽ خيرخواھن جو خيال ڄاتم تہ ماٺ ڪرڻ نہ گهرجي، ٿورو گهڻو چُرجي، وري وڏي ستگور جي مھرباني، جنھنجي پريت جي پڪ، سچي سرؤ جي سرڪ، اھرو اڌمو جاڳايو، جو سانڍڻ ۾ نہ آيو، امالڪ پرگهٽايو.“

 پياري آڪاش نہ رڳو ھن ڪتاب جي تياري تي پنھنجو نور نچوئيو آھي، پر ان کي پنھنجي ھڙان وڙان خرچ ڪري بہ ڇپايو آھي. اھا سنڌي اديبن ۽ عالمن سان ستم ظريفي ٿيندي آھي تہ ھڪ پاسي نہ رڳو ھو ڏينھن رات پورھيو ڪن ٿا، پر ٻئي پاسي پنھنجي ڪاوشن کي وقت جي دز ۾ دٻجي وڃڻ کان بچائڻ لاءِ پنھنجي ھڙان خرچ ڪرڻو پوي ٿو. منھنجي خيال ۾ پياري آڪاش صوفي صاحب جي ٻين ڪتابن تي بہ پنھنجو رت ولوڙيو آھي، تنھنڪري ڪنھن سرڪاري اداري کي سندس سھائتا ڪري سندس ڪم کي شايع ڪرائڻ گهرجي.  

 آخر ۾ وري بہ آئون پياري آڪاش ۽ سندس پوري پريوار خاص ڪري سائين ليکراج مل جن کي اھڙي شاندار پورھئي جي اشاعت تي دلي واڌايون پيش ڪريان ٿو.

 

(4 جنوري، 2026، تي مھورتي تقريب لاءِ لکيل)


ھفتيوار ڪاوش دنيا جو پرچو، 18 جنوري 2026ع

https://www.facebook.com/share/p/1B9EhM7EKU/

عنوان / tags:

آسورام، آسومل، آسو رام، آسو مل، حبيب سنائي، آڪاش آسواڻي، ٽيئون رام، ديوان، سنڌي شاعري، ھالا پراڻا, Asuram, Aasuram, Asoram, Aasoram, Aasumal, Aso Mal, Asumal, Sufi, Habib Sanai, Aakash Asswani, Deewan e Aasu, Divan aasu, Hala Old, Sindhi Poetry, New Book, Sindhi Ghazal, History

Comments

Popular posts from this blog

Sufi AassuRam – A Forgotten Poet (Short Biography)

’سوال جواب‘ بيت جو نمونو

ديوانِ آسُو ڪتاب - Deewan-e-Aassu book [PDF]