ديواني جي خواب، آڪاش کي عنبر ڪري ڇڏيو

نياز مسرور بدوي 

13/06/2026 

'ديواني جي خواب، آڪاش کي عنبر ڪري ڇڏيو'

 

هي حيات جر جي ڦوٽي مثل آهي ۽ هڪ اهڙو مٽيءَ جو پنوڙو آهي، جنھن کي رب عظيم ڪُن جي حڪم سان، نفساني ۽ روحاني حقيقتن سان معمور ۽ مخمور ڪري، دنيا جي خاص عنصرن سان سينگاري راس ڪري، عروج جي آسمان جي شاهي خلعت عطا ڪري، شاهي شرف بخشيو. انسان، رب تعالىٰ جي نھايت اعلىٰ تخليق آهي، جنھن جو پيرو لھڻ جي ڪوشش ۾ خود انسان کي ڪروڙين ورهيہ گذري ويا آهن، پر پنھنجي حقيقت کي هن تائين سمجهي نہ سگهيو آهي. سندن فلسفا پاڇون جي مثل آهن، جن ان سچائيءَ جي اڳيان لفاظيءَ جا پردا جُهلائيندي، معراج ماڻڻ واري حقيقت کي اڃان وڌيڪ ڏکيو ڪري ڇڏيو آهي. تبليغ جي تحقيق ڪرڻ بدران ان کي اهڙيون واٽون گهڙيون آهن، جن انسان کي وڌيڪ مونجهاري جو شڪار ڪري ڇڏيو آهي. پر جن محبت جي ان حقيقت کي بنا ڪنھن دليل جي پرجهيو آهي، انھن پرکڻ جي جستجو ڇڏي، فقط ئي فقط محبت کي پنھنجو شعار بڻائي، حقيقت جي حسين وادين جو سير ڪندا رهيا آهن، جتي انت محبوبي انت محبوبيءَ جون صدائون بلند ڪندا رهيا، اهو ورد دل جي ڌڪ ڌڪ سان وجود کي پاڪائي عطا ڪندي، روحاني مقام ڏانھن سدائين محو سفر رهندو آهي. ان حقيقت کي فقط اهل دل پاڪ ۽ پوتر روحن ئي سمجهيو آهي. سچن صوفين جي قول مطابق رب تعالىٰ پنھنجي حڪمت کي عيان ڪرڻ خاطر ڪائنات کي حسين ۽ جميل ڪري خلقيو آهي ۽ انسان کي خليفته الارض جو فرضو سونپي عرش کان فرش تي موڪليو آهي. مٿن اهو لازم آهي ته فرزانگي کي تياڳي پنھنجي ديوانگيءَ جو درد ساڻ ڪري، پنھنجي اصل ماڳ کي حاصل ڪرڻ جي جستجو ڪن.

ويدانت ۽ تصوف جا لفظي اصطلاح جيتوڻيڪ ٻڌجڻ ۽ لکڻ ۾ جدا جدا آهن، پر ٻئي هڪ ئي راھ جا پانڌيئڙا آهن، سندن هڪ ئي منزل آهي، جتي پرين جو نور بنا ڪنھن عقلي دليلن جي سندن منَ ۾ پسارو ڪندو آهي، انھيءَ جو تاب جهلڻ ڪنھنجي هٿ وس ۾ نہ هوندو آهي، اها رمز، ڌڻي پاڪ پنھنجي ڪنھن ادنىٰ کي ارفع ڪندي کيس مانجهي مرد جو درجو عطا ڪندي آهي، پر شينھن جگر وارو انڪساريءَ عاجزيءَ اختيار ڪندي، انسانن کي ڀلائي جي واٽ ڏيکارڻ جي ڪوشش ۾ رڌل رهندو آهي. ذڪر ۽ فڪر سان گڏوگڏ انسانن جي خدمت ڪرڻ سندن شيوو بڻجي ويندو آهي ۽ اهو سندن قلبي قرار بڻجي مالڪ جي حضور ۾ قابل قبول بڻجندو آهي. اها محبت واري مت، هر مت ڀيد کان آجي هوندي آهي، اهو سبب آهي جو دل جي خلوص سان ئي ڪائو ڪچ اگهائبو آهي، جيڪڏهن رب تعالىٰ وٽ نمرتا ۽ کميا سان پيش ڪيل پاءُ بہ قبول پوندو آهي. هٺ، وڏائي سان پيش ڪيل مڻن جي وٽس ڪا اهميت نہ آهي، ڇاڪاڻ رب سائين وٽ انعام جا ڪيچ خرار آهن. رب سائين (حقيقت ڌڻيءَ) جي اها رمز بنا ڪنھن فرق جي انھن سڀني کي عطا ٿي آهي، جن جي من ۾ سندس لوري لڳل هوندي آهي.

تصوف ۽ ويدانت جي دنيا ۾ اهڙا انيڪ سرشاري عاشق، سندس عشق جي مالا جپندي ڏسڻ ۾ اچن ٿا، جن پنھنجي محبت جي ڪمال سان نوري نظارن کي ڏٺو ۽ محسوس ڪيو آهي. اهڙي بخشش واري مشروب سان شري آسورام بہ سيراب ٿيو آهي. سندس 'ديوان آسو' ان حقيقت جو ساکي آهي.

صوفي آسورام جي زندگيءَ ۽ شاعريءَ کي وقت جي ورقن محفوظ تہ رکيو هو، پر ان کي جنھن پيار ۽ پاٻوھ سان آڪاش آسواڻيءَ ترتيب ۽ تحقيق جي ڪسوٽيءَ سان اوجل ۽ اثرائتو ڪيو آهي، ان جي پيش ڪيل شرڌا جو مقام، مان ۽ مرتبو تمام اونچو، اونھون ۽ محبت جي اسرارن سان ڀرپور آهي. ڇو جو هن پنھنجي وڏڙن جي سانڍيل انساني عظمت جي ميراث کي، سندس اصل عشق جي پانڌيئڙن ۽ امتدارن ۽ وارثن جي حوالي ڪرڻ جي شعور ڪوشش ڪئي آهي. سندس ان ڪاميابيءَ جو سھرو بہ سندس عشق جي دکيل چڻنگ ڏانھن وڃي ٿو، جيڪا هڪ باھ جي اُلي بڻجي روشن ٿي وئي آهي. هن جي محنت بہ 'ديوان آسو' مرهون منت آهي، جيڪڏهن اهو وڏڙن جو سرمايو وٽس نہ پھچي ها تہ هو عام جيان عام رهي ها، پر ديوان آسو کيس عام مان خاص بڻائي ڇڏيو آهي.

'ديوان آسو' ۾ صوفي آسورام پرميشور جي حقيقت کي هن ريت بيان ڪيو آهي.

آگي جو اسرار، پروڙيان پري ٿيو،

شڪتي نرمل نور مان، پيدا ڪيائين اوتار،

مخلوقنيان مٿي ٿيو نڪي خلقڻھار،

ڳوڌي سندس ڳجهہ کي، کولي نڪو نروار،

خالق، خلقيل وچ ۾، ناهي ويڇو وار،

پيدا ڪيائين پرٿوي، تنھين پٺيان تڪرار،

'آسو' سو آڌار، وٺي ويٺس پاڻ سان.

صوفي آسورام ويدانتي فلسفي ۾ وحدتي ڪرڻن جو پرچار ڪندي، نظر اچي ٿو ۽ انسان کي، سندس حقيقت ٻڌائي ٿو.

بنا سڌ سروپ جي، مانک ٿيڻ محال،

توڻي پدارٿن ۾، پُر ٿئين مالا مال،

سي سڀ ساز سر تي، اٿئي وير وبال،

ڪاٿئون آئين؟ ڪاڏي ويندين؟ ڇا هي تنھنجو حال،

ڌاران ان ڌيان جي، ٻيو سڀ خواب خيال،

جيئن سڀ جنجال، 'آسو' لک الک ري.

عشق جو آزار هر ڪنھن جي نصيب ۾ لکيل نہ هوندو آهي، عشق جي دنيا نرالي هوندي آهي ۽ مجازي محبوب جو لبادو پھري، الستي عشق جي گيڙو رنگي الفي اوڍائيندي آهي، عشق جي آڳ نفس جي شرير، شيطاني شر جي ڪثافت کي ساڙي رکَ ڪري ڇڏيندي آهي ۽ روحاني نوراني نظارن سان باطن جي دنيا کي پاڪائي پاند ۾ پائيندي آهي. باطن جي بيقراري هوندي بہ دنياوي دستور ۾ ايڪانت ۽ شانتيءَ ۾ پيو دلبر جي ديدار ڪندو رهندو آهي.

جن محبت پيتو شراب شراب،

سي ڇڏي سانگ ٿيا ڪباب ڪباب.

تون تونھين تو، اها آلاپ پوي،

تن سنديون تن رڳون رباب رباب

آھي آنند، عيش ۽ آرام،

ويو مٿائن لھي، عتاب عتاب.

 

صوفي آسو رام ٻئي هنڌ فرمائي ٿو ته:

تون سچو ، قدرت جو ساگر بي شمار،

آءٌ ان قدرت منجهان آهيان حباب.

صوفي آسو رام جي شاعريءَ ۾ هر رنگ روپ موجود آهي، جيڪو اسان جي ڪلاسيڪي ادب جو ورثو آهي. اهي امولڪ احساس سندس شاعريءَ ۾ تما گهڻي ۽ ججهي انداز ۾ آهن، جيڪي ويدانتي وحدت الوجود جو عطر آهن. اهي ناصحاڻا نُڪتا، پاڻ سڃاڻڻ تي زور، پَرَ جي پچار کان دوري، مايا جي موھ جي نندا، هٺ ۽ هوڏ کان ڪناره ڪشيءَ جي تلقين، ڀلائيءَ ۽ نيڪي جي نصيحت ۽ هدايت، همہ اوست جي صدا سندس شاعريءَ ۾ ڀٽڪيلن جي رهبري ڪندي ڏسڻ ۾ اچي ٿي.

سنت صوفي آسو رام جي گيان جي ڪھڙي ڳالهہ ڪجي، هن پنھنجي ديوان ۾ انسان جي ماهيت ۽ حقيقت جي تشريح جنھن ريت ڪئي اها نھايت ڳوڙهي اڀياس جو نتيجو آهي. انسان خاڪي پتلو آهي، جيڪو فقط چئن عنصرن جو مجموعو نہ آهي، پر انھن چئن عنصرن جا جيڪي اوصاف آهن، تن کان پڻ واقف ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. انسان عشق، روح، نفس ۽ عقل جو شھسوار آهي. خيال، وهم، فڪر، فھم، فضليت کيس ورثي ۾ عطا ٿيل آهن. نفس جا گهوڙا سندس روح ۾ ڊوڙندا رهندا، رڪاب ۾ پير وجهي، انھن کي ڪيئن لغام وجهجي، تنھنجي سڌ ۽ پروڙ ڏني آهي. وحدت جي سيلانين جو چوڻ آهي مرڻ کان اڳ مر. ساڳي رت پڻ اسانکي ويدانتي فلسفي ۾ نظر اچي ٿي. مجاز المعشوق، فنا في المرشد، فنا في الله ۽ بقا بالله سڀني جو نُڪتہ نظر رهيو آهي. صوفي آسورام به ان ساڳي واٽ جو راهرو آهي.

کاءُ 'آسو'، فنا تو مرشد ۾،

ٿي فنا ۾ فنا، بقا وٺ وجهہ.

سندس شاعريءَ ۾ تجنيس جا ڀنڊار نظر اچن ٿا. لفظن جي سادگيءَ سندس ڪلام کي روان ۽ سليس بڻائي ڇڏيو. سون تي سھاڳ وارو ڪم آڪاش آسواڻيءَ انھن هندي، سنڌي لفظن جو ارٿ ڏئي وڌيڪ جوهردار ڪري ڇڏيو آهي. رديفن ۽ قافين جو حسن بہ پنھنجي انفراديت رکي ٿو. جيڪو سندس گهڻي پڙهي ۽ آمد جي نشاندهي ڪري ٿو. سندس ڪلام ۾ اهي معنىٰ جا موتي پوئيل آهن، جيڪي صوفي راھ تي هلندڙ تمنائي جي وات ۾ رکيل رنڊڪن کي ختم ڪرڻ جي سگهہ رکن ٿا.

ڪر حفاظت مون سندي حافظ حفيظ،

گولڙي آهيان گندي، حافظ حفيظ.

ري حفاظت تو، نہ ڪو هڪ وک ڀري،

ميٽ منھنجي سڀ مدِي حافظ حفيظ.

کول اکيون اندر جون، ٿئي سوجهرو،

ڪٽ جھل اوندھ انڌي حافظ حفيظ

https://www.facebook.com/photo/?fbid=3561953537303727&set=a.334671776698602

 

Comments

Popular posts from this blog

Sufi AassuRam – A Forgotten Poet (Short Biography)

’سوال جواب‘ بيت جو نمونو

Book: Deewan-e-Aasu published