صوفي آسُورام فقير جي زندگي جو احوال

صُوفي آسُورام – هڪ وساريل شاعر (مختصر سوانح عمري)


(عوامي آواز ميگزين ۾ ڇپيل) آڪاش آسواڻي - 18 مارچ 2015

سنڌ ڏيهه ۾ درويشن، دانشورن، صوفين، الهه لوڪن ۽ شاعرن جي ڪمي ڪا نه آهي. گهڻن ئي درجن جا شاعر ٿي گذريا آهن. جيستائين حُسن، عشق ۽ خوبي دنيا ۾ موجود آهي. تيستائين شعر گوئيءَ جو ميدان پڻ گرم رهندو. سنڌ هميشه شاعري، ثقافت، علم و ادب ۽ تصوف جو گهوارو رهيو آهي. سنڌ جي انهيءَ اجهاڳ سمنڊ جي بي انت تري ۾ بي بها موتي پيا سپجن. جن علم و ادب جي جهان کي وڌيڪ جرڪائي ڇڏيو آهي. اهڙن جڳ جرڪائيندڙ ۽ من موهيندڙ موتين واري مالها ۾ سنڌ جي هڪ عظيم صوفي درويش صوفي فقير ماستر آسُورام صاحب جن جو نالو پڻ نمايان نظر ايندو.

جنم ۽ نالو: ضلعي مٽياري جي تعلقي هالا لڳ پراڻن هالن جو ڳوٺ منصُوب آهي، جتي سائين ڏاندُو مل جو گهراڻو رهندو هو. سائين ڏاندُو مل ذات جو برهم کتري ۽ نُک جو هَرگُڻ هو. کيس ٽن نيڪ ۽ صالح پُٽن جو اولاد ٿيو. وڏو سائين رامچند صاحب، وچُون سائين آسُومل صاحب ۽ باقي ننڍي ڀاءُ جي نالي جو پتو ڪو نه پيو آهي، البته پاڻ ٻاراڻي وهيءَ ۾ ئي مالڪ سان وڃي مليو. سائين آسُومل ولد سائين ڏاندُو مل صاحب جن جو جنم 21 اسُو 1910 وڪرمي سنبت برابر 1854ع ۾ ٿيو. ڪجهه ليکڪن ۽ محققن سندس ولادت جو سال 1824ع ڄاڻايو آهي پر دراصل اهو بلڪل غلط آهي. سندس اصل نالو آسُو مل هو پر پينشن وٺڻ ۽ فقيراڻي ويس ڍڪڻ کان پوءِ صوفي آسُورام يا ساڌو آسُورام ڪري سڏيندا هئس. پاڻ هر هنڌ پنهنجو نالو پيءُ جي نالي سان گڏ ‘آسُومل ڏاندومل فقير صوفي’ ڪري لکندو هو.

ننڍپڻ ۽ تعليم: سائين آسُورام ننڍي وهيءَ کان فقيري طبع هئڻ ڪري فقيرن ۽ سنتن جي صحبت ۾ گهڻو رهندو هو. سندس پاڙي ۾ اُن وقت جو مشهور خدا پرست معذور سيد فقير علي شاههرح نالي رهندو جو اکين کان معذور هوندي به بلند پائي جو حاذق حڪيم، نبض شناس ۽ درويش صفت انسان هوندو هو. وٽس سدائين بيمارن جو ميڙاڪو لڳو پيو هوندو هو، ڪئَين نوجوان وٽس دوائن سٽڻ ڪُٽن ۽ طبابت جي تعليم پيا وٺندا هئا. سائين آسُورام به ٻالڪپڻ ۽ اسڪول واري زماني ۾ ان سيد جي حاضري ڀريندي وٽائنس نبض شناسي ۽ حڪمت جي ڄاڻ پيو پرائيندو هو ته ان کانسواءِ مذهبي طور تي کيس شاسترن جو علم پرائڻ لاءِ پڻ درسگاهه ۾ وهاريو ويو. 12 سالن جو ٿيو ته کيس مجازي عشقَ جڪڙي ورتو جنهن مان مائٽن جند ڇڏائي کيس وري سنئين راهه تي آندو. ارڙهن سالن جي بالغ عمر تائين پهچڻ دوران هندُو ڌرم کان سواءِ ٻين مذهبن جي پڻ چڱي ڄاڻ حاصل ڪري چڪو هو، جنهن دوران قرآن شريف، انجيل ۽ ٻيا به گهڻا ئي مذهبي توڙي غير مذهبي ڪتاب سندس نظر هيٺ آيا. تنهن کان سواءِ عربي ۽ فارسي تي ته تمام گهڻي دسترس حاصل هيس. سترهن سالن جي عمر ۾ 1927 وڪرمي سنبت برابر 1871ع ۾ (سنڌي) ورنيڪيولر فائنل امتحان پاس ڪري ٽيچرس ٽريننگ حيدرآباد، سنڌ ۾ داخل ٿيو. جتان وري ٽن سالن جو ڪورس ڪاميابي سان پاس ڪري سن 1874ع ۾ ماستري جو سرٽيفيڪيٽ وٺي نڪتو .

شادي ۽ اولاد: جواني جي ڪنهن حصي ۾ هالن پراڻن جي برهم کترين مان سندس رشتو طئي ڪرائي، شادي ڪرائي وئي. جنهن مان کيس هڪ پُٽ وينسي مل ۽ ٻن نياڻين جو اولاد ٿيو.

نوڪري: ٽريننگ ڪورس پاس ڪرڻ بعد کيس اسسٽنٽ ماستر مقرر ڪري ڳوٺ ڦڪن تعلقو جوهي ضلعي لاڙڪاڻي سنڌ ۾ رکيو ويو. اتان وري جوهي بدلي ٿيو. ان بعد کيس هيڊ ماستر ڪيو ويو. ٻين شهرن ۾ نوڪري ڪندي آخر کيس پنهنجي جنم ڀوميءَ هالن پراڻن ۾ هيڊ ماستر جي عهدي تي بدلي ڪيو ويو. جتان وري 55 ورهين جي ڄمار ۾ 1965 وڪرمي سنبت برابر 1909ع ۾ رٽائر ٿيو .

حقيقي عشق ڏانهن لاڙو: سائين آسُورام ننڍي هوندي جڏهن سيد فقير علي شاهه جي حاضري ڀريندو هو ته اُتان کيس تصوف ۽ وحدانيت جو شروعاتي اثر مليو. پر پوءِ نصرپور ۾ ماستري دوران سندس صحبت سيد مصري شاهه رضوي سان ٿي جنهن ۾ کيس چڱو فيض ۽ سُڪون حاصل ٿيو ۽ شاعريءَ جو شوق پڻ وڌيو. اُتان وري جهوڪ شريف جي واقفيت مليس ، پوءِ جيئن جهوڪ جي فقيرن سان مليو تيئن اندر جا مونجهارا لهي ويس ۽ جهڙو سالڪ صوفي چئجي تهڙو بڻجي پيو توڙ تائين ان متي تي قائم رهيو . جهوڪ توڙي جهوڪ ڌڻي ڏانهن سندس پيار ۽ عقيدت اڄ به سندس شاعري ۾ جهلڪي ٿي جنهن جي واضحگي طور هڪ شعر پيش ڪجي ٿو:

صدا- سُر سورٺ
ٿل: جـاتــي جــهــوڪ ڌڻــي جهــونجهـار،
اديون ميرانپور هلبو.
1. سُتلن کي سڏي ڏات ڏئي ٿو، اهڙو آهـي ڏاتار.
اَديون پاند پختو جهلبو.
2. سنڌ ساريءَ کي فيض سان واسيو، نيهن سندو نروار.
اَديون غازيءَ جو غلبو.
3. سڀڪنهن ذات کي تات الله جي، ڪيئَي عطا اِسرار.
اَديون سُر ڪئَن سلبو.
4. جي نه وسهين تان ڪر زيارت، فقرا جو ديدار.
اَديون ڪڍي دل مان دلبو.
5. نالائق کي نوريءَ نوازيو، “آسو” مڱڻهار.
پُر ٿي اُتان پلبو.
***

درگاهه جهوڪ شريف جي اڱڻ تي سندس ٻارِي هوندي هئي جنهن ۾ پاڻ ميلي دوران پنهنجي عقيدتمندن سان گڏ راڳ ڳائيندو هو، جيڪا سندس وصال بعد سار نه لهڻ تي اتان ڊاهي وئي. پاڻ صوفي متي جو هئڻ ڪري حضرت شاهه عنايت الله شهيد جي سترهين پڻ ملهائيندو هو جيڪا اڄ تائين سندس اولاد منجهان سندس پڙپوٽو ليکراج مل حال سارُو ملهائيندو اچي.
حق جي ڳولاهه ۾ مرشد ڪرڻ لاءِ تمام بي قرار ٿي پيو، پر ڪو ڪامل رهنماء هٿ ڪو نه ٿي آيس جو سندس حق ڳوليندڙ روح کي هڪ ٺڪاڻي ڪري. سندس لکيل ‘جنم ساکي شبد’ موجب کيس ٻاويهن سالن جي عمر ۾ مرشد مليو. سنڌي برهم کترين جو ڌارمڪ ۽ سماجڪ اتهاس جي ليکڪ مورُو مل ڌانڌا موجب پاڻ جڏهن جوهي جي ڳوٺ ڦڪن ۾ ماستر هو اتي کيس مرشد مليو. تنهن کان سواءِ صوفي آسُورام جي پڙپوٽي ٿانورداس جي تحقيق موجب ته سندس مرشد ٽنڊي محمد خان وارو نور محمد شاهه آهي. ڪن حالتن سببان ائين به لڳي ٿو ته شايد سندس مرشد درگاهه جهوڪ شريف جي ستين گادي نشين پير عبدالستار اول جو ڀاءُ نور محمد شاهه هجي. بهر حال سندس مرشد ڪٿي جو هو ان بابت صحيح معلومات نه ٿي ملي پر اِهو ضرور سچ آهي ته سندس مرشد جو نالو نور محمد شاهه ئي آهي جو سندس شعر ۾ ڪن جاين تي اهڙو اظهار هن ريت ڪيو اٿس:

آرتي
ٿل: آرتــي ڪـرون الکـه نـرنـجــن، جـسنــي جڳـٽ اُپـايا کيـل بنـايـا.
1- اوتـاري توڻي پـيـغـمبــر ٿيـا، جهڳ مڳ جوت جڳايا راس رچايا.
2- عـبدالـقــادر شـاهه جـيـلانــي، قــادر قـدرت آيـا نـور لايـا.
3- عبدالملڪ سائين سچ پرگهٽايا، نـوبــت نـينهن بجـايـا الکـه لکايا.
4- شـاهه عـنـايت صوفـي صـاحب، شيـر شـهــادت پهـايـا ڀـرم مٽايا.
5- “نُـور محمد شاهه” ستگـور مليا، دفـتــر دوئـي جلايا شـبـد سنايا.
6- سروَ ساڌن سنتن ڀڳتن نون، “آســوءَ” نـيـچ نمـايـا آپ سمايا.
***

ڪافي
ٿل: ڪـــاٽـــي عــشـــق اڏول،
اساندي گم گمراهي.
1- عشق بنا سڀ ڪوڙا اندڪور،
ڪـــرنـــدا عشـــــق ڪلـــول،
گهتــــي وچ بيپـــرواهــــي.
2- عشق وحدت دا باب پڙهايا،
مـــــاري مَنَـــدا مخــــول،
سٽــــي ســر پـــر ســرواهـــي.
3- “نور محمد شاهه” مرشد مليا،
شبد ڏتائين سٻــول،
اتيون مونسان ٿي همراهي.
4- عنايت الله “آسو” صوفي،
ڪيــا وسـت ٻــــــــول،
عـنــــايــت راز الاهــــي.
***

ماستريءَ سان گڏ مالڪ جي پڻ نوڪري ڏيڻ لڳو يعني ذڪر فڪر ڪندو رهيو جو مالڪ سان سندس لنؤُ لڳل هوندي هئي. صوفي آسُورام هر مهيني جي سنڌي يارهين تاريخ تي غوث اعظم حضرت شيخ عبدالقادر جيلاني جي يارهين جي محفل پڻ ڪندو هو، جنهن ۾ شام جو سندس ڪلام صوفي فقير جيڪي سندس معتقد هوندا هئا سي ڳائيندا هئا ۽ آخر ۾ طعام تقسيم ڪيو ويندو هو. ان مجلس ۾ سندس مُريد توڙي عام ماڻهو پڻ اچي شامل ٿيندا هئا. جيڪا پاڻ آخر تائين هلائيندو رهيو. پر سندس وصال جي 20/21 سالن کان پوءِ اهو سلسلو بند ٿي ويو جو سندس اڪثر اولاد هندستان لڏي ويو. پر اڃان به صوفيءَ جو ڪجهه اولاد اها رسم حال سارُو نڀائيندو اچي. رٽاير ڪرڻ بعد مالڪ جي ياد ۾ گذاريائين. نيم موجب رات جو هميشه ¾ بجه ڌاري اُٿي وِضُو ڪري مالڪ جي ذڪر فڪر ۾ مشغول ٿي ويندو هو ۽ صبح تائين مراقبه ۾ پيو ذڪر ڪندو هو. حقيقي عشق ۾ اچي مالڪ جا گُڻ ڳائڻ لڳو ۽ ڪَئين ڀڄن، ڪافيون ۽ سُلوڪ وغيره يعني شاعري ڪيائين.

شاعريءَ جي شروعات: صوفيءَ جو شاعريءَ ڏانهن به گهڻو لاڙو هوندو هو، جنهن ڪري ننڍي هوندي کان ئي شعر چوندو هو پر سيد مصري شاهه جي صحبت ۾ اچڻ کان پوءِ سندس شوق اڃان وڌيو. پاڻ پنهنجو ڪلام خود لکي ٽن حصن ۾ تقسيم ڪري ڌار ڌار عنوان سان مجموعا ٺاهيا اٿس، جن کي هن ريت نالا ڏئي ٿو، 1: ديوانِ آسُو: هن ۾ فقط غزل ۽ هڪ ٻه ٻي شاعري جي صنف ڏنل آهي. 2: ويراڳ نامو عُرف پريم غنچه: هن ۾ آرتيون، ڀڄن، ڪافيون، وايون، بيت ۽ شبد وغيره شامل آهن. 3: رسالو آسومل صوفي: هن ۾ بيت ۽ ڪجهه ڪافيون ڏنل آهن. هنن ٽن مجموعن کان سواءِ صوفي آسُورام جو ٻيو پڻ ٿورو گهڻو ڪلام چيل آهي. هنن ٽن ڪتابن منجهان ديوانِ آسُو سندس وصال واري سال ۾ ويڙهو مل کٽڻ مل بُڪ سيلر لاڙڪاڻي واري ڇپايو هو، جيڪو پاڻ ڀڳت ٽيئونرام جي مُريدن مان هو. ڇپيل ديِوانِ آسُو ۾ تمام گهڻيون غلطيون واضح نظر اچن ٿيون. ان کان علاوه صوفيءَ جو ٻيو ڪلام جنهن ۾ ويراڳ نامو عُرف پريم غنچه ۽ رسالو آسومل صوفي وغيره اڃان اڻڇپيل آهي. صوفي آسُورام جو سمورو ڇپيل توڙي اڻ ڇپيل ڪلام گهڻي محنت سان هٿ ڪري مُون (آڪاش) پنهنجي محترم استاد ڊاڪٽر مخمور بخاري صاحب جي حوالي ڪيو آهي ته جيئن ان کي وري سينگاري، سنواري ۽ نئين ترتيب موجب ڇپرائي عقيدمندن ۽ عام ماڻهن جي اڳيان پيش ڪجي ته جيئن هُو ان مان فائدو وٺي سگهن. پاڻ سنڌي، هندي ۽ سرائڪي سان گڏوگڏ ٻين ٻولين ۾ پڻ شعر چيو اٿس جن ۾ هڪ ٻه فارسي ۽ عربي شعر پڻ شامل آهي. سندس سموري ڪلام تي تصوف جو رنگ غالبن نظر اچي ٿو. ڀڳت ٽيئونرام جي شاعريءَ تي پڻ صوفي آسُورام جي ڪلام جو رنگ نظر اچي ٿو.
صوفي آسُورام کي ديِوانِ حافظ سڄو ياد هوندو هو ۽ قرآن شريف ۽ ٻيا به گهڻا ئي ڪتاب وٽس موجود هوندا هئا، پاڻ پنهنجي هٿن سان قرآن شريف لکيو هئائين جيڪو پڻ ادب سان اڃان تائين محفوظ رهندو اچي.

مُريد، چيلا ۽ ڀڳت ٽيئونرام:
صوفي فقير سائين آسُورام جا مريد ٽنڊو آدم، حيدرآباد، ڪشمور ۽ کيرٿر طرف ڪافي آهي، ان کان سواءِ هندستان ۾ پڻ سندس مُريد ورهاڱي کان پوءِ لڏي ويا جيڪي اڪثر اجمير ۽ ٻين شهرن ۾ وڃي ويٺا. ان کان علاوه کيس چيلا پڻ هئا، جن ۾ هڪ مشهور، ڀڳت ٽيئونرام (1887-1942) آهي. ڀڳت ٽيئونرام اصل ويٺل شهر کنڊو، تعلقه هالا نوان جو هو پر پوءِ مرشد سوامي آسُورام کان اجازت وٺي منڊلي سميت سير سفر ڪندي ٽنڊي آدم ۾ ڊٻ تي سڪونت وارو نظارو ڏسي اتي امراپور درٻار اڏي ويٺو، جتي کيس گهڻيو ئي تڪليفون پيش آيون پر انهن مان هي پار پئجي ويو ۽ رنگ لڳي ويا، انهي سندس آستان تي پاڻ هر سال سنڌي چيٽ مهيني جي 12 تاريخ تي محفلي ميلو لڳائيندو هو. ڀڳت ٽيئونرام پاڻ خود به هڪ سـٺو شاعر هو جنهن جو ڪلام سنڌي توڙي هندي ٻولي ۾ ڇپيل آهي. صوفي آسُورام، کيس کي هن ريت نام جو اُپديش يعني بيعت ڏني:
صوفي آسُورام جڏهن کنڊوءَ ۾ ماستر مقرر ٿي آيو ته، ان وقت ڀڳت ٽيئونرام جي عمر 13/14 سالن کن هئي. ڀڳت ٽيئونرام جي پيءُ جو نالو ڀڳت چيلارام هو جيڪو پاڻ خود به فقيرن، درويشن ۽ سنتن جو عقيدتمند ۽ خدمتگار هوندو هو، ڀڳت چيلارام سندس آستاني تي روزانو ستسنگ يعني محفلِ سماء لڳائيندو هو. صوفي به سندس اها هاڪ ٻُڌي سندس آستاني تي هلي ويو، جتي ڀڳت چيلارام سندس آڌرڀاءُ ڪري پنهنجي آستاني تي ويهاري خوب خدمت چاڪري ڪئي. صوفي آسُورام ان وقت ۽ رات جو موج سان ستسنگ يعني محفلِ سماءَ ڪيو. سندس محبت ۽ ڄاڻ ڀريو ستسنگ ٻُڌي ڀڳت چيلارام کيس عرض ڪيو ته مهرباني ڪري روزانو هتي اچِي پنهنجي مٺن ٻولن جي ورکا ڪندا ڪريو، جو اسانکي ۽ ستسنگين کي ڏاڍو سڪون اچي رهيو آهي. سوامي آسورام اها وينتي قبول ڪري روزانو ڀڳت جي آستان تي اچي محفل ڪندو هو، جنهن کي ڀڳت ٽيئونرام به وڏي چاهه ۽ ڌيان سان ٻڌندو هو.
هڪ رات سائين آسُورام محفل دوران مرشد ڪرڻ جي وارتا هلائي ۽ فرمائين ته ستگروءَ يعني مرشد کان سواءِ روح جو ڀلو ڪيِن ٿيندو ۽ ڀروسي توڙي عقيدت سان ستگور ڪرڻ بلڪل ضروري آهي، ستگرو برهم نيشٺي ۽ برهم سروتري هجي، يعني کيس شاسترن جو به علم هجي ۽ پنهنجي روح ۾ به نهٺائي هجيس. اهڙي گُروءَ جي صحبت ۾ پياسي جو جلد ڀلو ٿئي ٿو. اها ڳالهه صوفيءَ ڪلام ۾ ڳائڻ کان پوءِ واضح ڪري سمجهائي. اها وارتا ساريءَ سنگت ٻڌي، ٻئي ڏينهن رسم مطابق سوامي آسورام کان بيعت (گُرمنتر) وٺي کيس مرشد ڪيو. ڀڳت ٽيئونرام جي ماءُ ماتا ڪرشنا ۽ پيءُ ڀڳت چيلارام به ڏاڍو خوش ٿيا. سوامي آسورام به اسڪول جي ڪم کان فارغ ٿي روزاني هتي اچي محفل ڪندو هو.
ڀڳت ٽيئورانم به دل و جان سان گهر جو پاڻي ڀري، قُرب ۽ عقيدت سان سنتن، مهاتمائن، مهمانن ۽ مسافرن جي خدمت ڪندو رهيو ۽ جيڪو وقت ان عمل کان بچندو سو ڪڏهن باغيچي ۾ ته ڪڏهن درياهه ڪناري تي يا مسڻ ۽ قبرستان ۾ ايڪانت ۾ ويهي نام جو اڀياس ڪندو هو .
هتي هڪ واقعو ڏجي ٿو جنهن مان ڀڳت ٽيئونرام جو سندس مرشد لاءِ پيار، ڀروسو ۽ عقيدت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. مٿي اسان ذڪر ڪري آيا آهيون ته ڀڳت ٽيئونرام 12 چيٽ هي تاريخ هر سال ستسنگي ميلو لڳائيندو هو. هڪ ميلي شام ڌاري صوفي آسُورام به اتي ويٺل هو ۽ ڀڳت ٽيئونرام کي چيائين ته ڪنهن پريميءَ کي چئو ته اسانجي جُتي کڻي اچي، اسان هاڻي ٻاهر وينداسون. ڀڳت ٽيئونرام پاڻ اٿي چرنداسي يعني جُتي کڻي پنهنجي مُرشدن جي پيرن ۾ پارائي جنهن تي صوفيءَ سوال ڪيس هي اوهان ڇا ڪيو؟ اوهان کي چيوسين ڪنهن پريمي کي چئو اوهان پاڻ ڇو کڻي آيا؟ تنهن تي ڀڳت ٽيئونرام وراڻيو، سائين آئون اوهان جو شيوڪ ڪونه آهيان ڇا؟ ٽيئونرام جي اها ڳالهه ٻُڌي صوفي آسُورام کي تمام گهڻي خوشي ٿي ۽ پاڻ مُشڪي چيائينس هزارين پريمي اوهان جي شيوا ڪندا، اها اسانجي دل سان دعا آهي ۽ انهيءَ کي ئي گُر ڀڳتي يعني مُريدي چئبو آهي. اهڙو واقعو ڏسي سڄي سنگت عجب ۾ پئجي وئي ۽ جئڪار منائڻ لڳي . ڀڳت ٽيئون رام جا پنهنجي مرشد صوفي آسورام جي باري ۾ چيل ڪجهه لفظ هيٺ ڏجن ٿا:

تھل -سوامی آسورام اوتاری تھا،
میرا دادا گرو داتاری تھا۔

1- نگر ہالن پرانوں کا واسی گرو،
وعدیہ ودیا کا وہ ہی تھا راسی گرو،
ہیڈماستر تھے پرشے شاستر تھے،
وہ تو عقلمند آچاری تھا۔

2- برھم ودیا کا ستگرو ساگر تھا،
بھجن وانی بنانے کا نگر تھا،
سکھائ بنی گئے، گُن کھانی گئے،
وہ تو کوییوں میں کویبھاری تھا۔

3- ستگرو ٹیؤںرام پر کرپا کر گئے گُرو،
ہاتھ ہمت کا سر پر تو دھار گئے گُرو،
ائسی کرپا کری، بھگتی ہردیا بھری،
وہ تو بھگتی کا بھنڈاری تھا۔

4- گرمُکھ سرو گُنوں کی تھا کھانی گرو،
برھمگیانی تھا وہ، برھمدھیانی گرو،
برھم گیان دیا، برھم دھیان دیا،
وہ تو پوُرن برھم وچاری تھا۔
***

ڀڳت ٽيئونرام کان سواءِ سندس هڪ ٻي مُريدياڻي، مائي ڀوڄي نالي هوندي هئي. جيڪا سندس مجلسن، محفلن ۽ بعد ۾ سندس ميلي ۾ اچي سندس ڪلام ڳائيندي هئي. مائي ڀڄي نالي ٻُڌجي ٿو ته قد جي ڊگهي ۽ بدن ۾ ڀريل هوندي هئي، البته سندس اصل رهائش ڪٿي جي هئي تنهن بابت ڪنهن به قسم جي ڪا ڄاڻ نٿي ملي.

حڪمت: صوفي آسُورام کي غريبن، ڏکويلن ۽ بيمارن جي ڏک درد مِٽائڻ جي پڻ گهڻي اون هوندي هئي. حڪمت جي تعليم کيس سيد فقير علي شاهه وٽان مليل هئي. جنهنڪري ٻُڌجي ٿو ته 1914ع ۾ پنهنجو ڌار دواخانو کولي ويٺو.وٽس پڻ بيمارن جو ميڙاڪو ٿيڻ لڳو، بيمارن کي دعا سان گڏ دوا پڻ ڏيندو هو، دوا لاءِ ڪنهن به قسم جي ڪابه فِي وغيره ڪو نه وٺندو، ڪن کي دوا ڏيندو هو ته ڪن کي نسخو به لکي ڏيندو هو ته جيئن هو ڀلي ان مان فائدو وٺن. سندس هٿ ۾ مالڪ جي رحمت سان چڱي شفا هوندي هئي . ان سلسلي ۾ پنهنجو هڪ شاگرد پڻ تيار ڪيائين جيڪو سندس پوٽو ڀڳت اُوڌب داس هو. ڀڳت حڪيم اُودب داس صوفي آسُورام جي وصال کان پوءِ اهو دواخانو هلائيندو رهيو ۽ پاڻ پڻ هڪ شاگرد سندس پوٽو حڪيم لکيراج مل ڇڏي ويو، جيڪو اڃان اُها اباڻي ڪرت سنڀاليندو اچي ۽ کيس پڻ شاگرد هن ريت آهن، 1: سرڳواسي حڪيم چانڊُومل: جيڪو ڀاءُ کان حڪمت جو علم وٺڻ کان پوءِ خانوٺ ۾ اچي دواخانو کولي ويٺو. 2: حڪيم پارُومل: به ڀاءُ کان علم وٺڻ کان پوءِ هالا نوان ۾ اچي پنهنجو دواخانو کولي ويٺو. ۽ 3: حڪيم کيمچند: جيڪو پنهنجي والد کان حڪمت جو علم وٺي نون هالن ۾ اچي پنهنجو دواخانو کولي ويٺو. حڪيم ليکراج مل صاحب جا شاگرد پڻ پنهنجا شاگرد تيار ڪري رهيا آهن.
صُوفي آسُورام حڪمت جا ڪجهه نسخا پڻ هڪ ننڍڙي ڪاپي ۾ لکي محفوظ ڪيا هئا. جيڪي تقريبن فارسي ۾ لکيل آهن، فقط هڪ ٻه سنڌي ۾ آهي. ان ننڍڙي ڪاپي جي پڻ حالت تمام خراب ٿي چڪي آهي البته هڪ صفحو به صحيح سمجهڻ لائق نه آهي. سا ڪاپي پڻ حڪيم ليکراج مل وٽ حفاظت سان رکيل آهي.

شخصيت ۽ لباس: صوفي آسُورام هميشه فقيراڻي طبع جو هوندو هو. پاڻ قد جو ڊگهو، وار وڏا ڪُلهن تائين هوندا هيس ۽ ڏاڙهي تمام سٺي سهڻي پوري سُنت مطابق هوندي هيس.سندس لباس هميشه گيڙو پٽڪو ۽ پهراڻ هوندو هو ۽ سٿڻ هميشه کيس کاڌِي جي هوندي هئي. پاڻ سان هميشه لٺ رکندو هو ۽ شب خزير يعني راتين جو جاڳي عبادت ڪندڙ هوندو هو.

همعصر: سندس همعصر صوفين، درويشن ۽ شاعرن ۾ سيد فقير علي شاهه وڏو(هالا پراڻا)، فقير مسڪين شاهه سيد(خانوٺ، تعلقه هالا نوان)، سيد مصري شاهه رضوي(نصرپور) ۽ سيد سمن شاهه سرڪار قابل ذڪر آهن. جن سان سندس صحبت توڙي روح رهاڻ تمام گهڻي هوندي هئي. سائين مصري شاهه ۽ سائين سمن سرڪار وٽس هالن پراڻن ۾ پڻ ايندا هئا. مصري شاهه شاعريءَ جي لحاظ کان پڻ سندس همعصر آهي. ان سلسلي ۾ فقير نواب ولي محمد خان لغاري(تاجپور) ۽ سيد رکيل شاهه (فتحپور، بلوچستان) جو پڻ همعصر شاعرن طور ذڪر ڪري سگهجي ٿو.

آستان: صُوفِي آسُورام پنهنجو ڪو به اڊمبر وارو آستان ڪو نه بنايو ۽ گهر ۾ پنهنجي فقيري جي آنند ۾ گذاري .

وصال: سنڌ جي هن عظيم شاعر، اُستاد، درويش صفت ۽ حاذق حڪيم صوفي فقير آسُورام صاحب، 87 ورهين جي ڄمار ۾ ڇنڇر ڏينهن صبح جو سوائين ستين بجي 18 مانگهه 1997 وڪرمي سنبت برابر 15 فيبروري 1941ع ۾ هي فاني جهان ڇڏي وڃي مالڪ سان مليو. هندُو رواج موجب سندن پويئنرن سندس جسم کي چکيا ڏني. چکيا ڏيڻ بعد ٻئي ڏينهن اچي سندس سنک يعني هڏيون کڻڻ لاءِ پهتا، عجيب اتفاق جو هٿن جي هڏين ۾ ثابت وارَ لڳل هئا، جا ڳالهه صوفي پنهنجي وصال کان ڪجهه ڏينهن اڳ اولاد کي هن ريت ٻڌائي هئي، “مونکي ساڙڻ کان پوءِ منهنجي هٿن جا وارَ بچندا سي ڪونه سڙندا، اهي سنڀالي رکجو”. وصيعت موجب اهي هٿن جون هڏيون جتي سندس عبادتگاهه هوندي هئي اتي دفن ڪري مٿان سماڌي ٺاهِي وئي. تقريبن 10/12 سال گذرڻ تي اها سماڌي ڊاهي اهي سنک ڪڍيا ويا جو هندستان ۽ پاڪستان ڌار ٿي چڪو هو ۽ صوفيءَ جو اڪثر اولاد هندستان لڏي رهيو هو. اهي سنک حڪيم لکيراج مل (صوفيءَ جو پڙپوٽو) پاڻ وٽ رکيا بعد ۾ سئوٽ هريرام کي ڏئي هندستان موڪليائين جتي ڀڳت هريرام وڃي ناگپور شهر ۾ اهي سنک دفن ڪري مٿان درٻار ٺهرايو.

صوفي آسُورام جي زندگيءَ ۾ ڪم ايندڙ سامان: صوفيءَ جي وصال کان پوءِ سندس ڪم ۾ ايندڙ شيون جن ۾ يڪتارو، ڪِٽلي، ڪُندري، ڪشٽو، لَڪُڻَ، بگهڙ جي کل جنهن تي پاڻ ويهي عبادت ڪندو هو، پيرن جون چاکڙيون وغيره سندس عبادتگاهه ۾ سماڌي جي اڳيان رکيون ويون جيڪي ڪجهه 25/30 سال اڳ تمام تنگ حالتن سببان درياهه شاهه ۾ پروان ڪيون ويون آهن، پر تن مان ڪجهه اڃان به حال حاضر آهن. جن ۾ صوفيءَ جي کٽ، پيرن جون چاکڙيون ۽ هڪ لڪڻ هندستان جي ناگپور شهر ۾ سندس درٻار ۾ رکيل آهن. تنهن کان سواءِ صوفيءَ جا ڪجهه ٻيا لڪُڻَ ٿانورداس (صوفي آسوُرام جو پڙپوٽو) وٽ ميرپور خاص ۾ رکيل آهن. تسبِي(مالها) ۽ صوفي آسُورام جو هٿ لکيل قرآن شريف سندس پڙپوٽي چانڊو مل جي گهر ۾ رکيل آهن. سندس هڪ ٻئي پڙپوٽي حڪيم ليکراج مل وٽ صوفيءَ جي ان کٽ جا پايا رکيل آهن جنهن تي پاڻ ويهي عبادت ڪندو هو.

وينسي مل جو اولاد: صوفي آسورام کي ٻن نياڻين ۽ هڪ پُٽ وينسي مل نالي اولاد هو. وينسي مل کي ٽن نياڻين ۽ چئن پُٽن جو اولاد ٿيو جن جا نالا هن ريت آهن: 1:گُلاب راءِ: هي صاحب هالا پراڻا ۾ ڄائو ۽ اتي ئي وفات ڪيائين، سندس سمورو خاندان هندستان لڏي ويو فقط ٻه پُٽ سنڌ ۾ رهيا جن ۾ هڪ ٿانورداس خاندان سميت ميرپورخاص ويٺو ۽ ٻيو کيمن داس جيڪو ڪراچي ۾ نوڪري ڪري رهيو آهي. 2: اُوڌب داس: هي صاحب هالا پراڻا ۾ ڄائو پر هندستان وڃي وفات ڪري ويو. کيس هڪ نياڻي جو اولاد آهي. 3: ڪوڏڻ مل: هي صاحب هالا پراڻا ۾ ڄائو ۽ اتي ئي وفات ڪيائين. کيس چئن پُٽن جو اولاد آهي، جيڪو هالا نوان ۾ اچي لڏي رهيو آهي. 4: ڪُندو مل: هي صاحب هالا پراڻا ۾ ڄائو ۽ هندستان لڏي وڃي وفات ڪيائين، کيس پنجن پُٽن جو اولاد آهي جو سمورو هندستان ۾ رهي ٿو. صوفي آسُورام جو اولاد پاڻ کي آسواني سڏائيندو آهي.

گادي: صوفي آسُورام جي وصال کان پوءِ سندس گاديءَ تي سندس پوٽو ڀڳت اُوڌب داس ويٺو جيڪو بعد ۾ هندستان لڏي ويو ۽ گادي ۽ سامان وغيره پنهنجي شاگرد توڙي ڀائيٽي حڪيم ليکراج مل ولد ڪوڏڻ مل جي حوالي ڪري ويو، ڪن حالتن سببان حڪيم صاحب گاديءَ تي ڪو نه ويٺو آخر گادي پنهنجي سئوٽ ڀڳت هريرام ولد گُلاب راءِ جي حوالي ڪيائين جنهن گادي توڙي سامان هندستان کڻي وڃي صوفي آسُورام جو درٻار ٺهرايو. ڀڳت هريرام جي وفات کان پوءِ هن وقت گادي ڌڻي مُڪيش ڪمار آهي، جيڪو هندستان ۾ صوفيءَ جو درٻار سنڀالي رهيو آهي.

ميلو: صوفي فقير آسُورام جي وفات کان پوءِ ڪجهه سال سندس ميلو هالا پراڻا ۾ تمام ڌام ڌوم سان لڳندو رهيو، پر پوءِ هند سنڌ ڌار ٿي ويو ۽ هاڻ سندس ميلو هر سال 18 مانگهه ناگپور، هندستان ۾ سندس درٻار ۾ وڏي عاليشان نموني لڳندو آهي. جتي سندس مريد ۽ عقيدتمند توڙي عام ماڻهو اچي روحاني سڪون حاصل ڪندا آهن. تنهن کان سواءِ صوفيءَ جي مريدياڻي مائي ڀوڄي جو ڏُهيٽو دريانُو مل ۽ سندس اولاد به اجمير شريف هندستان ۾ جتي سندن رهائش هئي، فقير سوامي آسُوءَ جو ميلو لڳائيندا هئا. ان کان علاوه هن وقت صوفي آسُورام جو ٻيو اولاد پنهنجي گهر ۾ ڀڄن ڀاءُ ڪري روٽ ورهائيندو آهي.

روايت: ڳالهه ٿا ڪن ته هڪ دفعي وٽس هڪ مائِي اولاد لاءِ سوال کڻي آئي. مائي جي گهڻي زور ڀرڻ تي کيس تعويذ لکي ڏنائين. سال کن بعد ان مائي جي ڪا رشتيدار عورت سائين وٽ پهتي ۽ چيائينس ته، سائين اوهان فلاڻي مائي کي تعويذ لکي ڏنو سو ان مان کيس اولاد ٿيو آهي، تنهنڪري مونکي به ڪو تعويذ لکي ڏيو ته مونکي اولاد ٿئي. صوفي صاحب اوهو تعويذ گهرائي کولي ڏيکاريو، ان ۾ لکيل هو ته “مالڪ اولاد ڏين نه ڏين، بندو بي معيار آهي”. (اهڙي قسم جو هڪ واقعو سيد مصري شاهه نصرپوري جي زندگي ۾ به ٿي گذريو آهي).

سندس ڪلام جي نموني طور سندس لکيل جنم ساکي شبد هيٺ ڏجن ٿا:

جنم ساکي شبد
- ڪرم ڪري آيو راڄ جـو راڻو
بنيو باغيچو ڀُتو هي ڀاڻُو
1. سرڪ سڪڻ جي ماءُ پياريم
تنجڻ محـبت منجهه تنجـايم
مليم پينگهي ۾ ڪو ڏک جو اولاڻو

2. اٺين وريهين ۾ ٿيـس ستسنگ ڀيڙو
ڪريا ڪرم ۽ شاستـر نيڙو
هوش انهيءَ وير ۾ هو جو ٻاراڻو


3. ٻارهين وريهين ۾ ٿيـو عشق مجازي
کوجڻ لڳس بني ڪئن بازي
سور سرير ۾ هو جـو ساماڻو

4. ارڙهين وريهين ۾ انجيل پڙهيم
فهم سان فرقان جو مَتُ سوجهيم
لوڪ ندا جو کينم سِرَ تي هلاڻو


5. ويهين وريهين ۾ سڀ ڌرم سڃاتم
ستگور ڍونڍڻ جو ڄاڻ ڄاتم
دلــڙي آســائڻ مــن هــو نماڻو

6. ٻاويهين وريهين ۾ اچي ستگور مليو
ڀـاڳ نـڌر جـو نرمـل کليـو
وَرَ جي ملڻ ڪار هوس ويڳاڻو

7. پنجويهين وريهين ۾ صوفـي صاحب
غير ڪڍي چت مان ڪيائيـن غائب
سُر تي شبد جو ٿيو من ۾ ملاڻو

8. ٽيهن وريهين کان آفت ٽاري
جوڳ اڀياسي چست چتاري
دوست دکايائيـن دل ۾ ڌڱاڻو

9. چاليهين وريهيـن کان پرگهٽ ٿيئڙس
وســـوســـو وهـــم ويـئـــڙس
مَنَ ٿِرِ ورتو هڪ هنڌ ۾ ٽڪاڻو

10. “آسو” چوي ويکان ساجـن ساڳيو
ديپڪ جوت جو دل ۾ جاڳيو
جنم مرڻ جو ويو ڀيرو ڀلاڻو
***


خادم الفقراء
آڪاش آسواڻي
0336-2838913

Comments

Popular posts from this blog

Sufi AassuRam – A Forgotten Poet (Short Biography)

’سوال جواب‘ بيت جو نمونو

ديوانِ آسُو ڪتاب - Deewan-e-Aassu book [PDF]