غزل: جي ڪرِين محبوبَ! موڳي سان حساب،

غزل (ورتل: ديوانِ آسُو )
شاعر: فقير آسومل صوفي (صوفي آسورام)

جي ڪرِين محبوبَ! موڳي سان حساب،
لڄ مران! ڪهڙو سگہان ڏيئي جواب؟!

ڏوھه ڏِسيو ٿو ڏَڪي ھيڻون ھيون،
ھن عمر ۾ ڪو نه ڪيڙم ڪو صواب1.

زور، ٻَل سڀ بُت منجہان نڪري ويو،
هاڻ ڪونہي سهڻ مون ۾ تاءُ2 تاب3.

سَرن4 تُنهنجي سام5 پيئي آھيان،
لڄ ڀريا! رک منهنجو اڳيان آءُ آب.

تنهنجي گولن جي غلامي ڪئي قبول،
ان سندو جھليم اچي ڪنجڪ6 رِڪاب7.

تون سچو قدرت جو ساگر بي شمار،
آئون اُن قدرت منجھان آھيان حُباب8.

سرڳ9 جي هڏ ڪا طلب ناھيم سچ،
ڏي ڪو درشن، کولي نيڻن تان نقاب.

ٻانھڙو ’آسُو‘ آسائُو10 دَر کڙو،
لاھه تنهن سان ھجر11 وارو ھيءُ حجاب.

(1) ثواب   (2) سيڪ   (3) تڪليف   (4) پناھہ   (5) اوٽ   (6) گهوڙي جو لغام   
(7) گهوڙي جي ٻنهي پاسي لڙڪندڙ لوھي پيرڙيو   (8) ڦوٽو   (9) جنت   
(10) سوالي   (11) جدائي



Comments

Popular posts from this blog

Sufi AassuRam – A Forgotten Poet (Short Biography)

’سوال جواب‘ بيت جو نمونو

ديوانِ آسُو ڪتاب - Deewan-e-Aassu book [PDF]