ڪافي: جنهن پيروي حق جي نه ڪئي، حق کي مڃيؤ تان ڇا ٿيو

ورتل: ڪافي (81)، ويراڳ نامو
شاعر: فقير آسومل صوفي (صوفي آسورام)

جنهن پيروي حق جي نه ڪئي، حق کي مڃيؤ تان ڇا ٿيو؟

1. عاشق چوي لافون ھڻي، مڪرن ڪري واهه واهه وڻي،
           سر تان نه سانگو ٿو کڻي، عاشق ٿيو تان ڇا ٿيو؟

2. قاضي ڪتابن کي پٽي، ماڻھن مٿي مسئلا سٽي،
               دم کي دغا کان نامٽي، قاضي ڪهيو تان ڇا ٿيو؟

3. ساڌو سڏائي پاڻ کي، چنبڙي نشن جي آڻ کي،
              هرگز وڃائي نه ڄاڻ کي، ساڌو سڏيو تان ڇا ٿيو؟

4. جوڳي جٽاؤن لِنگ ٻڌن، ميڙيو ڀڀوتيون بت مَکِنِ،
   اندر اُجارو ڪين ڪن، جوڳي جڙيو تان ڇا ٿيو؟

5. ’آسُو‘ رھي آسُو سدا، ظاھر ته ڄڻ ڏسجي فدا،
               منجھه شرڪ کان ٿئي نا جدا، آسُو بنيو تان ڇا ٿيو؟

 


 

Comments

Popular posts from this blog

Sufi AassuRam – A Forgotten Poet (Short Biography)

’سوال جواب‘ بيت جو نمونو

ديوانِ آسُو ڪتاب - Deewan-e-Aassu book [PDF]