شبد: اٿي يار جاڳو، سمھڻ آھي اڀاڳو ، ڇڏي لوڪ لاڳو، جپيو رام رام.
اٿي يار جاڳو، سمھڻ آھي اڀاڳو
،
ڇڏي لوڪ لاڳو، جپيو رام رام.
ڇڏي لوڪ لاڳو، جپيو رام رام.
انهيءَ اوجھرڻ ۾
، وڃي پئڙا رڻ ۾،
جڙ جس جاڳڻ ۾، پورن ڪام ڪام.
جنهن کي ننڊ گھيري، مٿي ڦرھي ڦيري،
ھڻي ڪنڌ ڪيري، وجھي دام دام.
جواني وڃايئي، اڃان مت نه آيئي،
جيڪا ڪا سيبائي، گذر گام گام.
جنھن کي لاڳ لاڳي، ڀلي سو ئي جاڳي،
’آسو‘ ڇڏ تياڳي، تڪيو عام عام.
ورتل: شبد 46 (سُر وھاڳڙو)، ويراڳ نامو
شاعر: فقير آسُومل صوفي (صوفي آسُورام)

Comments
Post a Comment