سدا: وڏا پير تو در آيس آءٌ سوالي

ورتل: ويراڳ نامو: سدا (24)، جناب حضرت شاھہ عبدالقادر جيلانيؒ
شاعر: فقير آسُومل صوفي (صوفي آسُورام)
 
وڏا پير تو در آيس آءٌ سوالي،
ڏٺم ڪو نه ويندڙ سوالي ڪو خالي.
 
محي الدين ميران، تون سرتاج پيران،
مدد ڪر فقيران، تون قدرت ڪمالي.
 
سڀن تي تون اولا، ڪٽين ڀَو ۽ ڀولا،
تون محبوب مؤلا، مٺو ذوالجلالي.
 
ولين جو والي، وڏي نسب عالي،
لڳي سواليءَ لالي، ڇا مست و موالي.
 
مريدن جو آڌر، ڀلو ڀرجھلو ڀر،
نه اُن کي ڪو ڊپ ڏر، سدائين سکالي.
 
‘آسو’ پنھنجو پازي، ڪري غور غازي،
نظر سان نوازين، پنھنجو بند دؤالي.
 

 

Comments

Popular posts from this blog

Sufi AassuRam – A Forgotten Poet (Short Biography)

’سوال جواب‘ بيت جو نمونو

ديوانِ آسُو ڪتاب - Deewan-e-Aassu book [PDF]