سدا 8 (سُر ڪلياڻ)، ويراڳ نامو
ورتل: سدا 8 (سُر ڪلياڻ)، ويراڳ نامو
شاعر: فقير آسُومل صوفي (صوفي آسورام)
عنايت الله قلندر شاھه، آھين همراهه هيڻن جو.
دَکن، اُجين چؤڌاري، دليءَ ڪشمير ۾تاري،
جتي ڪٿي سنڌ سوڀاري، لڳو نعرو فقيرن جو.
ھندن ۽ مسلمانن مان، ڪٽِي ڪم بيش تو تن مان،
ٿيا تو در سڀئي يڪسان، وسيلو بي وسيلن جو.
تنهنجا صوفي سدا مرڪن، ٿيو آجا ڪنان ڀرمن،
صفا سر جو سي سانگ نه ڪن، لٿو تن غم غمگينن جو.
برھه جي باهه جو ڀڙڪو، لٿو ڦند ڦير جو ڦڙڪو،
ذاڪر ذاتيءَ تنهنجي جو ڪڙڪو، ٿيو دارون مريضن جو.
’آسُوءَ‘ آندي گنهگاري، ستاري ڪر سنديم ساري،
پُري ڪج پاڻ پؤواري، آهين ياور يتيمن جو.

Comments
Post a Comment